اسلام آباد - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڪڻڪ جي درآمد جي انتظامن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فوڊ ايئر 27 – 2026ع جي لاءِ ڪڻڪ جي درآمد بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي ڪڻڪ جي درآمد جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، ڪڻڪ جي درآمد جي انتظامن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڪڻڪ جي درآمد جي انتظامن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فوڊ ايئر 27 – 2026ع جي لاءِ ڪڻڪ جي درآمد بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي ڪڻڪ جي درآمد جي انتظامن بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي ڪڻڪ جي باقي رهيل هڪ لک 85 هزار ميٽرڪ ٽن ضرورت جي خريداري جي لاءِ گهٽ ترين ٻولي/ ٻولين کي قبول ڪرڻ جو عمل اڳتي وڌايو وڃي. نائب وزيراعظم پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي به هدايت ڪئي ته گهربل ادائيگين جو وقت سر انتظام ڪن ۽ ٽي سي پي سان ٽه ڌريو معاهدو جلد مڪمل ڪن ته جيئن ڪڻڪ جي درآمد جو عمل وقت سر مڪمل ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪڻڪ جي درآمد سان مناسب اگهن تي ڪڻڪ جي وڌيڪ فراهمي يقيني بڻائي سگهبي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ٿيندو. اجلاس م قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير، سنڌ جي خوراڪ واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، واپار واري سيڪريٽري، پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽرين ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ ٽي سي پي جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











