واشنگٽن - 30 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز چيو آهي، ته عوام ۽ قانون سازن جو وڌندڙ تعداد اسرائيل کي ملندڙ آمريڪي فوجي امداد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سينيٽ ۾ تازو ووٽنگ ان رجحان جو واضح ثبوت آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينيٽ هڪ ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن تحت ٽرمپ انتظاميه کي والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف اسرائيلي حملن …
آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز پاران اسرائيل کي آمريڪي فوجي امداد بند ڪرڻ جو مطالبو

مزید خبریں
واشنگٽن – 30 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز چيو آهي، ته عوام ۽ قانون سازن جو وڌندڙ تعداد اسرائيل کي ملندڙ آمريڪي فوجي امداد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سينيٽ ۾ تازو ووٽنگ ان رجحان جو واضح ثبوت آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينيٽ هڪ ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن تحت ٽرمپ انتظاميه کي والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف اسرائيلي حملن ۽ آمريڪي شهرين خلاف تشدد بابت رپورٽ پيش ڪرڻ هوندي آهي، جڏهن ته ٺهراءَ خلاف 51 ۽ حق ۾ 47 ووٽ وڌا ويا، جنهن کي سينڊرز اسرائيل بابت پاليسي تي راءِ ۾ نمايان تبديلي قرار ڏنو. سينڊرز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو آهي ته جنوري 2024ع ۾ هن غزه ۾ اسرائيل پاران انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي جاچ لاءِ ووٽنگ ڪرائي هئي جنهن جي حمايت رڳو 11 سينٽرز ڪئي هئي. اڄ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل جي قدمن جي جاچ بابت ملندڙ جلندڙ ٺهراءَ جي حق ۾ 47 سينٽرز ووٽ ڏنا آهن. هن چيو ته آمريڪي عوام جو آواز ٻڌو، اسرائيل کي وڌيڪ فوجي امداد نه ڏني وڃي.











