آمريڪا ۽ اسرائيل جنگي ناڪامي کان پوءِ ايران کي اندروني طور ورهائڻ چاهين ٿا: صدر مسعود پز شڪيان

تهران - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان چيو آهي، ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا فوجي ذريعا ايران کي جهڪائڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ملڪ اندر اختلافن کي هوا ڏئي ان ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته وڏن شهرن ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن جي ميئرز …

تهران – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان چيو آهي، ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا فوجي ذريعا ايران کي جهڪائڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ملڪ اندر اختلافن کي هوا ڏئي ان ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته وڏن شهرن ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن جي ميئرز سان ملاقات دوران صدر پز شڪيان چيو آهي، ته ايران جي عوام کي جنگ ذريعي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ دشمن پنهنجو پورو ڌيان اندروني طور اختلاف پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي هوا ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ بدران سمورن شهرين جي شرڪت ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ گهرجي.

مزید خبریں