ايس سي او جي گڏيل ويزن کي عملي تعاون ۽ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ايس سي او جي گڏيل ويزن کي عملي تعاون ۽ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ايس سي او ميمبر ملڪن جي نيشنل ڪوآرڊينيٽرز سان گڏوگڏ ايس سي او سيڪريٽريٽ ۽ ايس سي …

اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ايس سي او جي گڏيل ويزن کي عملي تعاون ۽ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ايس سي او ميمبر ملڪن جي نيشنل ڪوآرڊينيٽرز سان گڏوگڏ ايس سي او سيڪريٽريٽ ۽ ايس سي او آر اي ٽي ايس جي سينيئر نمائندن خطاب ڪيو. پاڪستان جي صدارت ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽرز ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽرز جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي هڪ کليل، جامع ۽ تعميري صدارتي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جيڪو گڏيل اعتماد، گڏيل مفاد، برابري، مشاورت ۽ گڏيل ترقي جي “شنگهائي اسپرٽ” تي ٻڌل آهي. هن پاڪستان جي صدارت جي موضوع “ويزن کي عمل ۾ تبديل ڪرڻ، ڪنيڪٽيويٽي، جدت ۽ گڏيل خوشحالي” کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايس سي او جي گڏيل ويزن کي عملي تعاون ۽ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪيو وڃي. هن 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي ميزباني جي تيارين جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ڪامياب صدارت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو.

مزید خبریں