لڪي مروت ۾ دهشتگرن جو فيڪٽري جي بس تي حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪيترائي زخمي

پشاور -05 جنوري(اي پي پي) لڪي مروت جي علائقي ناور خيل موڙ ويجهو گذريل ڏينهن دهشتگردن خانگي فيڪٽري جي بس تي حملو ڪيو.ڊي پي او لڪي مروت ٻڌايو ته دهشتگردن خانگي سيمينٽ فيڪٽري جي گاڏي کي آءِ اي ڊي ڌماڪي سان نشانو بڻايو حملي سبب هڪ شخص  فوت ۽ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊي پي او لڪي مروت جو چوڻ آهي ته زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال …

پشاور -05 جنوري(اي پي پي) لڪي مروت جي علائقي ناور خيل موڙ ويجهو گذريل ڏينهن دهشتگردن خانگي فيڪٽري جي بس تي حملو ڪيو.ڊي پي او لڪي مروت ٻڌايو ته دهشتگردن خانگي سيمينٽ فيڪٽري جي گاڏي کي آءِ اي ڊي ڌماڪي سان نشانو بڻايو حملي سبب هڪ شخص  فوت ۽ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊي پي او لڪي مروت جو چوڻ آهي ته زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته سمورن زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي ۽ سرچ آپريشن شروع ڪيو آهي.

مزید خبریں