تهران-05 ڊسمبر(اي پي پي)ايران حڪومت مهانگائي خلاف جاري احتجاج کانپوءِ شهرين کي معاشي دٻاءُ مان ڪڍڻ لاءِ ماهوار الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي حڪومت جي ترجمان گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته شهري هر مهيني 10 لک تومان (اٽڪل 7 ڊالرن)جي برابر رقم وصول ڪري سگهن ٿا جيڪي چئن مهينن لاءِ سندن اڪائونٽس ۾ وڌا پيا وڃن. هن چيو ته اها رقم هر ايراني شهري کي ڏني ويندي جنهن …
مهانگائي خلاف مظاهرا، ايران جي حڪومت طرفان شهرين کي ماهوار الائونس ڏيڻ جو اعلان

مزید خبریں
تهران-05 ڊسمبر(اي پي پي)ايران حڪومت مهانگائي خلاف جاري احتجاج کانپوءِ شهرين کي معاشي دٻاءُ مان ڪڍڻ لاءِ ماهوار الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي حڪومت جي ترجمان گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته شهري هر مهيني 10 لک تومان (اٽڪل 7 ڊالرن)جي برابر رقم وصول ڪري سگهن ٿا جيڪي چئن مهينن لاءِ سندن اڪائونٽس ۾ وڌا پيا وڃن. هن چيو ته اها رقم هر ايراني شهري کي ڏني ويندي جنهن مان هو ضرورت جو سامان خريد ڪري سگهن ٿا ۽ انهن قدمن جو مقصد ماڻهن تي معاشي دٻاءُ کي گهٽائڻ آهي. واضح رهي ته ايٽمي پروگرام سبب ايران جي معيشت آمريڪا ۽ ٻين ملڪن طرفان لاڳايل پابندين جو شڪار آهي ۽ ڊسمبر ۾ اتي مهانگائي جي شرح 52 سيڪڙو تائين وڌي وئي. ملڪ ۾ معيشت جي غير يقيني جي صورتحال سبب شروع ٿيل مظاهرا اٺين ڏينهن ۾ داخل ٿيا. مظاهرن جو دائرو ملڪ جي 40 شهرن تائين پکڙجي چڪو آهي.











