آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر حصن ۾ 6 سالن جو شديد ترين هيٽ ويو رڪارڊ

ميلبورن -05 جنوري(اي پي پي) آسٽريليا جي موسميات کاتي چيو آهي ته ملڪ جي ڏکڻ اوڀر حصن ۾ 6 سالن جي شديد ترين هيٽ ويو رڪارڊ ٿي آهي، ڪجهه هنڌن تي گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌي ويو آهي. آسٽريليا جي بيورو آف ميٽرولاجي، وڪٽوريه، نيو سائوٿ ويلز ۽ تسمانيه سان گڏو گڏ سموري آسٽريلوي ڪيپيٽل ٽيريٽري لاءِ شديد گرمي جي لهر جي وارننگ جاري ڪئي آهي جنهن جو سبب سڄي ملڪ ۾ اوڀر …

ميلبورن -05 جنوري(اي پي پي) آسٽريليا جي موسميات کاتي چيو آهي ته ملڪ جي ڏکڻ اوڀر حصن ۾ 6 سالن جي شديد ترين هيٽ ويو رڪارڊ ٿي آهي، ڪجهه هنڌن تي گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌي ويو آهي. آسٽريليا جي بيورو آف ميٽرولاجي، وڪٽوريه، نيو سائوٿ ويلز ۽ تسمانيه سان گڏو گڏ سموري آسٽريلوي ڪيپيٽل ٽيريٽري لاءِ شديد گرمي جي لهر جي وارننگ جاري ڪئي آهي جنهن جو سبب سڄي ملڪ ۾ اوڀر طرفان وڌندڙ گرم هوا آهي. بيورو آف ميٽرولاجي موجب، اربع تي ميلبورن ۽ ايڊيليڊ وڪٽوريه ۽ سائوٿ آسٽريليا جي گادي واري هنڌ 41 سينٽي گريڊ کان به وڌيڪ گرمي پد پهچڻ جو خدشو آهي. گادي واري هنڌ ڪينبرا ۾ اربع کان لڳاتار 4 ڏينهن تائين وڌ کان وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي . جڏهن ته سڊني ۾ لڳاتار 4 ڏينهن تائين گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي جي هڪ سينيئر ماهر چيو آهي ته وڪٽوريا، سائوٿ آسٽريليا ۽ نيو سائوٿ ويلز جي ڪجهه حصن ۾ سراسري طور گرمي پد 16 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته 20-2019ع جي گرمي موسم کان پوءِ ڏکڻ اوڀر آسٽريليا لاءِ اها شديد ترين هيٽ ويو آهي. بيورو آف ميٽرو لاجي جي ماهرن موجب هيٽ ويو خاص طور تي پيرسن ماڻهن ، ٻارن، ڳورهارين عورتن ۽ پهرين کان بيمار ماڻهن لاءِ خطر ناڪ ٿي سگهي ٿي.

مزید خبریں