ابوجا-05 ڊسمبر (اي پي پي) نائجيريا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 25 ڄڻا فوت ۽ 14 ڄڻا لاپتا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا نائجيريا جي ايمرجنسي سروس جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو حادثو نائجيريا جي اترئين رياست يوبي جي شهر گربي ويجهو پيش آيو. يوبي جي ايمرجنسي مينيجمينٽ ايجنسي مطابق ٻيڙي ۾ مقامي بازار مان گهرن ڏانهن واپس ويندڙ ماڻهن، مهاڻن ۽ هارين سميت 52 ڄڻا سوار هئا جن مان 13 کي بچايو ويو …
نائجيريا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 25 ڄڻا فوت، 14 ڄڻا لاپتا

مزید خبریں
ابوجا-05 ڊسمبر (اي پي پي) نائجيريا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 25 ڄڻا فوت ۽ 14 ڄڻا لاپتا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا نائجيريا جي ايمرجنسي سروس جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو حادثو نائجيريا جي اترئين رياست يوبي جي شهر گربي ويجهو پيش آيو. يوبي جي ايمرجنسي مينيجمينٽ ايجنسي مطابق ٻيڙي ۾ مقامي بازار مان گهرن ڏانهن واپس ويندڙ ماڻهن، مهاڻن ۽ هارين سميت 52 ڄڻا سوار هئا جن مان 13 کي بچايو ويو ۽ کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. رپورٽ مطابق يوبي درياهه ۾ حادثي واري هنڌ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.











