اسلام آباد-04 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سڄي پاڪستان ۾ نور کان محروم ماڻهن کي دلي مبارڪون ڏيندي انهن جي وقار، حقن ۽ قومي زندگي ۾ ڀرپور شموليت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار هن بريل جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بريل جو عالمي ڏهاڙو لوئيس بريل جي پيدائش واري ڏهاڙي …
پاڪستان بريل خواندگي کي هٿي ڏيڻ، جامع نصاب ۽ مددگار ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي استعمال لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد-04 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سڄي پاڪستان ۾ نور کان محروم ماڻهن کي دلي مبارڪون ڏيندي انهن جي وقار، حقن ۽ قومي زندگي ۾ ڀرپور شموليت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار هن بريل جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بريل جو عالمي ڏهاڙو لوئيس بريل جي پيدائش واري ڏهاڙي جي موقعي تي ملهايو ويندو آهي جنهن جي ايجاد ڪيل بريل صورتخطي سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن لاءِ تعليم، معلومات ۽ پاڻ ڀاڙڻ تائين پهچ کي ممڪن بڻايو. صدر مملڪت چيو ته بريل صرف پڙهڻ ۽ لکڻ جو ذريعو ناهي پر هي آزادي، اعتماد ۽ هڪجهڙن موقعن جي هڪ پائيدار علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان جو بنياد برابري، سماجي انصاف ۽ انساني وقار جي احترام جي اصولن تي رکيو ويو هو. هڪ قوم طور اسان جي ترقي ان ڳالهه سان مشروط آهي ته هر شهري کي معاشري ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا ميسر هجن. صدر چيو ته نور کان محروم ماڻهن لاءِ تعليم جي رسائي، جامع عوامي خدمتون ۽ برابري جي موقعن جي فراهمي نه رڳو هڪ آئيني ذميواري پر هڪ اخلاقي فرض پڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان بريل خواندگي کي هٿي ڏيڻ، جامع نصاب ۽ مددگار ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي استعمال لاءِ پرعزم آهي ته جيئن تعليم ۽ معلومات تائين رسائي کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. ان سان گڏوگڏ عوامي عمارتن، سرڪاري خدمتون ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز ۾ رسائي جوڳن معيارن کي لاڳو ڪرڻ نهايت اهم آهي ته جيئن ڪو به فرد شهري زندگي کان محروم نه رهي. صدر چيو ته پاڪستان معذور ماڻهن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن سميت عالمي ذميوارين جي پاسداري جاري رکي آهي جيڪي باوقار ۽ برابري وارن حقن تي ٻڌل جامع ۽ منصفاڻي معاشرن جي قيام تي زور ڀرين ٿا. هن چيو ته مان نور کان محروم ماڻهن جي ثابت قدمي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ان سان گڏوگڏ انهن استادن، والدين، سارسنڀال لهندڙ ۽ تنظيمن کي به سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي سڄي ملڪ ۾ بريل جي تعليم ۽ سماجي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن. سندن ڪوششون خودمختياري ۽ پاڻڀرو ٿيڻ جون راهون هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. صدر مملڪت چيو ته ان موقعي تي مان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، ادارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ پوري قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته هو گڏيل تعاون سان رڪاوٽن جي خاتمي، رسائي جوڳين سهولتن کي هٿي ڏيڻ ۽ همدردي ۽ شموليت تي ٻڌل نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن. اهڙي طرح اسان هڪ اهڙي پاڪستان جي قيام جي ويجهو پهچي سگهون ٿا جتي هر ماڻهو کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جا موقعا حاصل هجن.












