خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ، هڪجهڙن موقعن جي فراهمي ۽ برابري واري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد-04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نور کان محروم ماڻهن سميت سمورن خاص ماڻهن جي حقن جي تحفظ، هڪجهڙن موقعن جي فراهمي ۽ برابري واري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ نور کان محروم ماڻهو مختلف شعبن ۾ ايستائين جو چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ به ڪاميابي کانپوءِ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن بريل جي …

اسلام آباد-04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نور کان محروم ماڻهن سميت سمورن خاص ماڻهن جي حقن جي تحفظ، هڪجهڙن موقعن جي فراهمي ۽ برابري واري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ نور کان محروم ماڻهو مختلف شعبن ۾ ايستائين جو چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ به ڪاميابي کانپوءِ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن بريل جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هو ان ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ نور کان محروم ماڻهن لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪري ٿو. لوئي بريل جي انقلابي لمسي تحريري نظام سڄي دنيا ۾ لکين نور کان محروم ماڻهن لاءِ تعليم، معلومات تائين پهچ ۽ باوقار زندگي جا موقعا پيدا ڪيا. هن نظام جي گهري اهميت کي تسليم ڪندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2018ع ۾ 4 جنوري کي بريل جو عالمي ڏهاڙو قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ نور کان محروم ماڻهن جو بريل کي اختيار ڪندي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته صلاحيت ۽ اعليٰ ڪارڪردگي هر مشڪل کي پار ڪندي پنهنجو رستو ٺاهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت نور کان محروم ماڻهن سميت سمورن خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ، هڪجهڙن موقعن جي فراهمي، برابري واري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۾ نور کان محروم ماڻهو مختلف شعبن ايستائين جو چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ به ڪاميابي کانپوءِ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن، هن ان سلسلي ۾ صائمه سليم جو مثال ڏنو جيڪا پرڏيهي وزارت جي آفيسر جي حيثيت سان پاڪستان جي گڏيل قومن جي مشن ۾ نمايان طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته بي شڪ اهڙيون ڪاميابيون استقامت، اهليت ۽ قومي وقار جا روشن مثال آهن ۽ بنا شڪ جي رسائي جوڳي تعليم، معاشرتي تعاون جي مضبوطي جي به عڪاس آهن. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان گڏيل قومن جي خاص ماڻهن جي حقن جي ڪنوينشن (UNCRPD) جو ميمبر آهي ۽ علم ۽ ڄاڻ تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان 2023ع ۾ مراڪش معاهدي جي به توثيق ڪئي. ان معاهدي تحت نور ۾ گهٽتائي يا محروم ماڻهن لاءِ شايع ٿيندڙ مواد کي رسائي جوڳي فارميٽس ۾ فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم نور کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت کانسواءِ معاشرتي سطح تي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ ميڊيا کي اپيل ڪئي ته هو بريل خواندگي، رسائي جوڳين سهولتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي گڏيل ڪوششن ۽ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪن. هن دعوت ڏني ته اچو قوم جي حيثيت سان ان عزم جي تجديد ڪريون ته ڪو به شهري پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ لاءِ موقعن جي فراهمي ۾ پوئتي رهجي نه وڃي. هر ماڻهو، بصري صلاحيت کان مٿانهون ٿي، پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو قيمتي وقت ۽ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪري سگهي.