بيجنگ -04 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل ڏينهن صبح چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي عالمي شعبي جي وزير ليو هائي شنگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزير ليو هائي شنگ کي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جي 20هين اجلاس جو چوٿون سيشن ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پاران چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي عالمي شعبي جي وزير ليوهائي شنگ سان ملاقات
بيجنگ -04 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل ڏينهن صبح چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي عالمي شعبي جي وزير ليو هائي شنگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزير ليو هائي شنگ کي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جي 20هين اجلاس جو چوٿون سيشن ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. ٻنهي ڌرين ٻه طرفه لاڳاپن جي پائيدار ۽ مستقبل ڏانهن هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته پارٽي سطح تي رابطن، علائقائي صورتحال ۽ سي پيڪ تحت مختلف منصوبن ۾ ٿيل اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. هن سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره کي ڀرپور ۽ بامقصد انداز ۾ گڏيل طور ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي دوري تي آهي جتي هو ستين پاڪستان چين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي گڏيل صدارت ڪندا.












