اسلام آباد -04 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت پاڪستان جي تعليمي جائزي (لرننگ اسيسمينٽ) جي نظام ۾ واڌ جو اعلان ڪندي پهريون ڀيرو نجي شعبي جي اسڪولن کي به نيشنل اچيومينٽ ٽيسٽ (اين اي ٽي) 2026ع ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان شموليت سان گڏوگڏ وزارت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي سطح تي نيشنل فائونڊيشن لرننگ اسسمينٽ منعقد ڪرڻ جو اعلان …
تعليم واري وزارت جو وڏو فيصلو، نيشنل اچيومينٽ ٽيسٽ 2026ع ۾ پهريون ڀيرو نجي اسڪولن کي شامل ڪيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد -04 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت پاڪستان جي تعليمي جائزي (لرننگ اسيسمينٽ) جي نظام ۾ واڌ جو اعلان ڪندي پهريون ڀيرو نجي شعبي جي اسڪولن کي به نيشنل اچيومينٽ ٽيسٽ (اين اي ٽي) 2026ع ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان شموليت سان گڏوگڏ وزارت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي سطح تي نيشنل فائونڊيشن لرننگ اسسمينٽ منعقد ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي، ته جيئن شروعاتي تعليم ۾ تعليمي نتيجن کي جانچي سگهجي. تعليم واري وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزارت قومي اسسمينٽ فريم ورڪ کي پائيدار ترقي جي هدفن کي اهڃاڻن سان هم آهنگ ڪيو آهي. ان جو مقصد تعليمي معيار تي ڀروسو ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ آهي. عالمي سطح تي رپورٽنگ جي وعدن کي پورو ڪري سگهجي. نيشنل اچيومينٽ ٽيسٽ 2026 ۽ نيشنل فائونڊيشن لرننگ اسٽڊي تحت سائنسي بنيادن تي سيمپلنگ ذريعي 20 هزار کان وڌيڪ شاگردن جو جائزو ورتو ويندو ته جيئن نتيجن جي شفافيت ۽ درستگي کي يقيني بڻائي سگهجي. ان منصوبي تي عملدرآمد پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ڪندو جنهن کي آمريڪن انسٽيٽيوٽس فار ريسرچ جي فني مدد حاصل هوندي.










