اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گلگت بلتستان جي برزل پاس ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي ڪيپٽن اصمد گلفام، سپاهي رضوان ۽ مشين آپريٽر عيسيٰ کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته برفاني ڇِپن جي ڪرڻ جو اهو افسوسناڪ واقعو سڄي قوم …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جو گلگت بلتستان ۾ برفاني ڇِپون ڪرڻ سبب شهيد ٿيل پاڪ فوج جي اهلڪار کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گلگت بلتستان جي برزل پاس ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي ڪيپٽن اصمد گلفام، سپاهي رضوان ۽ مشين آپريٽر عيسيٰ کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته برفاني ڇِپن جي ڪرڻ جو اهو افسوسناڪ واقعو سڄي قوم لاءِ ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته ڪيپٽن اصمد گلفام، سپاهي رضوان ۽ مشين آپريٽر عيسيٰ جي شهادت جرئت، فرض شناسي ۽ قومي خدمت جو هڪ واضح مثال آهي جنهن تي سڄي قوم کي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته سخت موسمي حالتن ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي محنت قوم جا حوصلا بلند ڪري ٿي، پاڪ فوج جي انهن بهادر سپوتن پنهنجي قيمتي جان جو نذرانو ڏئي وطن عزيز ۽ عوام جي خدمت جي اعليٰ روايت قائم ڪئي آهي. هن چيو ته برزل پاس ۾ شهيد ٿيل جوانن کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان هر ڏکين حالتن ۾ قوم جي حفاظت ۽ خدمت لاءِ هر وقت تيار آهن. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان ۽ سندن صبر، حوصلي ۽ استقامت کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته قوم پاڪ فوج جي بهادر سپوتن کي هميشه ياد رکندي. يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا بلند درجا عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندانن کي صبر عطا ڪري.











