لاهور-04 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه 5 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ان موقعي تي مختلف سياسي، سماجي ۽ عوامي تنظيمن طرفان تقريبون ۽ سيمينارز منعقد ڪيا ويندا جن ۾ سندس قومي خدمتن، جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي …
اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه 5 جنوري تي ملهائي ويندي

مزید خبریں
لاهور-04 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه 5 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ان موقعي تي مختلف سياسي، سماجي ۽ عوامي تنظيمن طرفان تقريبون ۽ سيمينارز منعقد ڪيا ويندا جن ۾ سندس قومي خدمتن، جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي جي انتظام هيٺ مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي خاص پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ قائد عوام جي سياسي جدوجهد، پاڪستان جي آئين جي جورجڪ ۽ ملڪ کي ايٽمي پروگرام ڏيڻ جهڙن تاريخي قدمن کي اجاگر ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي مرڪزي پنجاب جي نائب صدر ميان محمد ايوب اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو، هو واحد سياسي اڳواڻ هو جنهن سياست کي ڊرائينگ روم مان ڪڍي غريبن جي گهرن تائين پهچايو، جنهن ڪري کيس قائد عوام جو خطاب ڏنو ويو، سندس سالگره جي موقعي تي پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ان عزم جو ورجاءُ ڪندا ته هو قائد عوام جي فڪرن ۽ نظرين مطابق جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندا.











