ڏکڻ ڪوريا جو صدر چين جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو

بيجنگ -04 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جو صدر لي جي ميونگ چين جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي خاص اڏام ذريعي بيجنگ پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي ڏکڻ ڪوريا جو صدر لي جي ميونگ 4 کان 7 جنوري تائين چين جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. صدارت سنڀالڻ بعد سندس هي پهريون چين جو دورو آهي. واضح رهي …

بيجنگ -04 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جو صدر لي جي ميونگ چين جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي خاص اڏام ذريعي بيجنگ پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي ڏکڻ ڪوريا جو صدر لي جي ميونگ 4 کان 7 جنوري تائين چين جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. صدارت سنڀالڻ بعد سندس هي پهريون چين جو دورو آهي. واضح رهي ته 6 سالن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي ڪنهن به صدر جو هي پهريون چين جو دورو آهي. چين جي دوري کان اڳ لي جي ميونگ چائنا ميڊيا گروپ کي خاص انٽرويو ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڀريو ته ڏکڻ ڪوريا هميشه وانگر هڪ چين جي اصول جو احترام ڪيو آهي ۽ تائيوان جي معاملي تي هڪ چين جي موقف تي قائم آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون ۽ مختلف سماجي حلقن طرفان اميد ڪئي پئي وڃي ته ٻنهي اڳواڻن جي اسٽريٽجڪ اڳواڻي ۾ هي دورو چين ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ ڊگهي سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري کي اڳتي وڌائڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو.

مزید خبریں