وينزويلا جو معزول صدر نڪولس مادورو نيويارڪ منتقل، وينزويلا کي اسان هلائينداسين: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-04 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي معزول صدر نڪولس مادورو کي آمريڪا حراست ۾ وٺڻ بعد کيس نيويارڪ منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته وينزويلا جي سپريم ڪورٽ نائب صدر روڊريگيز کي عارضي طور تي صدر جي عهدي بابت سمورا اختيار، فرض ۽ ذميواريون سنڀالڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن انتظامي سلسلي ۽ قوم جي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مادورو …

واشنگٽن-04 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي معزول صدر نڪولس مادورو کي آمريڪا حراست ۾ وٺڻ بعد کيس نيويارڪ منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته وينزويلا جي سپريم ڪورٽ نائب صدر روڊريگيز کي عارضي طور تي صدر جي عهدي بابت سمورا اختيار، فرض ۽ ذميواريون سنڀالڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن انتظامي سلسلي ۽ قوم جي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مادورو جو جهاز نيويارڪ جي اسٽيورٽ هوائي اڏي تي لهي ويو آهي جتي کيس هاڻي آمريڪا ۾ ڪيس کي منهن ڏيڻو پوندو. رپورٽ مطابق هڪ آمريڪي عهديدار ميڊيا کي ٻڌايو ته صدر ٽرمپ چاهي ٿو ته نڪولس مادورو جي عدالتي ٻڌڻي جلدي ٿئي ۽ کيس سزا ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي وينزويلا جي سپريم ڪورٽ نائب صدر ڊيلسي روڊريگيز کي ملڪ جي عبوري سربراهه بڻجڻ جو حڪم ڏنو آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو وينزويلا جي صورتحال ۽ آمريڪي ڪارروائي تي غور لاءِ اجلاس 5 جنوري تي ٿيندو، اهو هنگامي اجلاس وينزويلا جي درخواست تي سڏايو ويو آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي تيل ڪمپنيون وينزويلا موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وينزويلا کي اقتدار جي منتقلي تائين اسان هلائينداسين. تفصيل مطابق وينزويلا ۾ حملي ۽ صدر ۽ سندس زال جي گرفتاري جي حوالي سان صدر ٽرمپ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آمريڪي فوج منهنجي حڪم تي رات جو دير سان ۽ صبح جو وينزويلا کي نشانو بڻايو ۽ فوجي قوت کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته آمريڪي ڪارروائي سان ڪراڪس جو وڏو حصو اونڌاهي ۾ ٻڏي ويو جڏهن ته اسانجي فوجين ويزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس زال کي پڪڙي ورتو. ٽرمپ چيو ته ٻئين مهاڀاري جنگ کانپوءِ سڄي اهڙو حملو ناهي ڏٺو، آمريڪا وٽ دنيا جا بهترين هٿيار آهن ۽ اسان ٻئي حملي لاءِ به تيار آهيون پر ايئن لڳي ٿو ته ٻئي حملي جي ضرورت نه پوندي ۽ وينزويلا جا سمورا معاملا اقتدار جي منتقلي تائين آمريڪا هلائيندو. هن چيو ته آمريڪا ۾ 97 سيڪڙو منشيات سمنڊ رستي آئي آهي، آمريڪا وينزويلا جي دل ۾ تاريخي آپريشن ڪيو ڇو جو اتان جا ماڻهو ڏهاڪن کان ڏکيائين جو شڪار هئا.

مزید خبریں