بيجنگ-04 جنوري (اي پي پي) چين ۾ ريلوي جي ڪل ڊيگهه هڪ لک 65 هزار ڪلوميٽر هوندي. پرڏيهي خابرو اداري چين جي قومي ريلوي گروپ ڪمپني لميٽڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته 14 هين پنجن سالن واري منصوبي دوران سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي ڪل ڊيگهه هڪ لک 46 هزار 300 ڪلوميٽر کان وڌي هڪ لک 65 هزار ڪلوميٽر ٿي وئي ۽ ان ۾ 12.8 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو …
چين دنيا جو سڀني کان وڏو ۽ جديد ترين هاءِ اسپيڊ ريل نيٽ ورڪ تعمير ڪري ورتو

مزید خبریں
بيجنگ-04 جنوري (اي پي پي) چين ۾ ريلوي جي ڪل ڊيگهه هڪ لک 65 هزار ڪلوميٽر هوندي. پرڏيهي خابرو اداري چين جي قومي ريلوي گروپ ڪمپني لميٽڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته 14 هين پنجن سالن واري منصوبي دوران سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي ڪل ڊيگهه هڪ لک 46 هزار 300 ڪلوميٽر کان وڌي هڪ لک 65 هزار ڪلوميٽر ٿي وئي ۽ ان ۾ 12.8 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ريل جي ڊيگهه 32.98 سيڪڙو جي اضافي سان 37 هزار 900 ڪوميٽر کان وڌي 50 هزار 400 ڪلوميٽر ٿي وئي آهي جيڪا ان ڳالهه جي تصديق آهي ته چين دنيا جو سڀني کان وڏو ۽ جديد ترين هاءِ اسپيڊ ريل نيٽ ورڪ تعمير ڪري ورتو آهي. رپورٽ مطابق 15 هين پنجن سالن واري منصوبي دوران چين پنهنجي ريلوي نيٽ ورڪ جي تعمير کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندو ۽ 2030ع تائين سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي ڪل ڊيگهه هڪ لک 80 هزار ڪلوميٽر تائين پهچي ويندي جنهن ۾ هاءِ اسپيڊ ريل اٽڪل 60 هزار ڪلوميٽر هوندي.











