اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان بابت ڏنل رمارڪس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي، ته پاڪستان ڀارت جي پرڏيهي وزير جي غير ذميواري وارن الزامن کي سختي سان رد ڪري ٿو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو ته ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ عدم استحڪام ۽ دهشتگردي کي هٿي وٺائڻ ۾ پنهنجي ڪردار …
پاڪستان، ڀارت جي پرڏيهي وزير جي غيرذميواراڻن الزامن کي سختي سان رد ڪري ٿو: پرڏيهي کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان بابت ڏنل رمارڪس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي، ته پاڪستان ڀارت جي پرڏيهي وزير جي غير ذميواري وارن الزامن کي سختي سان رد ڪري ٿو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو ته ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ عدم استحڪام ۽ دهشتگردي کي هٿي وٺائڻ ۾ پنهنجي ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته خطي خاص ڪري پاڪستان ۾ دهشتگرد سرگرمين جي پٺڀرائي ۽ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت لاڳاپيل دستاويزي ثبوت موجود آهن. ترجمان چيو ته ڪلڀوشن ياديو جو معاملو پاڪستان خلاف منظم، رياستي سرپرستي ۾ ڪيل دهشتگردي جو هڪ واضح مثال آهي، جڏهن ته سرحد پار قتل، پراڪسي عنصرن ذريعي تخريبيڪاري ڪارروائين ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪس کي ڳجهي مدد فراهم ڪرڻ جي حوالي سان بار بار سامهون آيل واقعن تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته اهو عمل هندو پرست انتهاپسنداڻي سوچ ۽ ان جي پرتشدد حامين جي نظرئي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. ترجمان چيو ته ڀارت لڳاتار ڄمون ڪشمير تي پنهنجو غيرقانوني ۽ پرتشدد فوجي قبضو برقرار رکيو آهي. پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن مطابق خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ واري پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ عالمي معاهدو آهي جيڪو نيڪ نيتي ۽ ذڪر جوڳين قربانين سان طئي ٿيو هو. ڀارت جي ان معاهدي جي ڪنهن به هڪ طرفي خلاف ورزي سان علائقائي استحڪام کي نقصان پهچندو ۽ عالمي قانوني ذميوارين جي احترام وارن دعوائن تي سوال اٿندا. ترجمان چيو ته پاڪستان معاهدي تحت پنهنجي جائز حقن جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو.











