لاهور-03 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کينئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته هندستان جو سيڪيولر ازم وارو چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اهڙو اظهار هن غازي آباد ۾ رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته سمورن مذهبن جا ماڻهو هتي موجود آهن، مون کي اندازو نه هو ته هتي ايڏي وڏي پروگرام جو بندوبست هوندو، جنهن ۾ سمورن مذهبن جا ماڻهو وڏي …
هندو پرست ۽ هندو مذهب ۾ فرق آهي، هندستان جو سيڪيولر چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي: کينئل داس ڪوهستاني
لاهور-03 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کينئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته هندستان جو سيڪيولر ازم وارو چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اهڙو اظهار هن غازي آباد ۾ رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته سمورن مذهبن جا ماڻهو هتي موجود آهن، مون کي اندازو نه هو ته هتي ايڏي وڏي پروگرام جو بندوبست هوندو، جنهن ۾ سمورن مذهبن جا ماڻهو وڏي انگ ۾ شامل هوندا، هن چيو ته مذهبي هم آهنگي صرف ملڪ اندر نه پر، سرحدن کان ٻاهر به ان جي ضرورت آهي، هاڻي ته عالمي ميڊيا به چئي رهي آهي ته ڀارت ۾ اقليتن سان خاص ڪري مسلم ۽ مسيحي ڀائرن سان جيڪو ظلم ٿئي پيو، ان کي پوري دنيا اجاگر ڪري رهي آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ڀارت ۾ سياست کي مذهب سان جوڙيو ويو آهي جيتوڻيڪ ڪو به مذهب دهشتگردي جي اجازت نٿو ڏي. هن چيو ته هندو توا ۽ هندو مذهب ۾ فرق آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هندوتوا جي سوچ پوري انڊيا ۾ پکڙجي رهي آهي، هن چيو ته نتيش ڪمار نفرت ۾ مسلمان نياڻي جو نقاب لاٿو جنهن سان ڀارت جي سيڪيولر ازم جو چهرو بي نقاب ٿي ويو. هن چيو ته پهريون ڀيرو وزيراعظم وزيراعظم هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب رکي جيڪا فيلڊ مارشل به ڪرسمس تي چرچ ۾ ويو ۽ ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان سڀني جو ۽ سڀني کي پنهنجي مذهبي زندگي جو مڪمل حق آهي. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ به ڪرسمس تي ڪمال ڪري ڇڏيو، هن جهڙي طرح اقليتن کي عزت ڏني، ان کي دناي اڄ به ساراهي رهي آهي. هي دنيا کي پيغام آهي ته هي پاڪستان جو اصل چهرو آهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ ڪرسمس تي چرچ تي قبضو ٿيو اتي ڪرسمس ملهائڻ ڏوهه بڻجي ويو، سکن تي ظلم ڪيو ويو. کينئل داس ڪوهستاني چيو ته مودي خبر ناهي ته ڪهڙو هندو مذهب پڙهيو آهي، مان به هندو آهيان پر ان ڪو ٻيو هندو ڌرم بڻائي رهيو آهي، ان کي خبر ئي ناهي، ٻڌائي ته هندو ڌرم ۾ ڇا لکيل آهي ته ٻين مذهب کان نفرت ڪريو؟ مملڪتي وزير چيو ته جڏهن هندستان پهلگام جو ڊرامو رچايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نه رڳو پهلگام جي مذمت ڪئي پر جاچ جي آڇ ڪئي پر جنگي جنون ۾ مبتلا شخص ان کي ٺڪرائي ڇڏيو.











