لاهور-03 جنوري (اي پي پي) قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي انتظام هيٺ صوبائي گادي واري شهر لاهور ۾ 3 تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. ترجمان مطابق 5 جنوري تي پهرين تقريب جو انتظام پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل مير، جوهر ٽائون آفيس لاهور ۾ ساڍي 11 وڳي ڪيو آهي، جنهن جو خاص مهمان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي جي ميمبر علي قاسم گيلاني …
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 هين سالگره تي 3 تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو: ترجمان
لاهور-03 جنوري (اي پي پي) قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي انتظام هيٺ صوبائي گادي واري شهر لاهور ۾ 3 تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. ترجمان مطابق 5 جنوري تي پهرين تقريب جو انتظام پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل مير، جوهر ٽائون آفيس لاهور ۾ ساڍي 11 وڳي ڪيو آهي، جنهن جو خاص مهمان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي جي ميمبر علي قاسم گيلاني هوندو. اهڙي طرح ٻي تقريب پيپلزپارٽي لاهور جي انتظام هيٺ پنجاب آفيس ماڊل ٽائون ۾ ٻنپهرن 12 وڳي منعقد ٿيندي جنهن جي خاص مهمان ايم اين اي ثمينه خالد هوندي، جڏهن ته ٽئين تقريب جو انتظام پيپلز لائرز فورم پنجاب ۽ لاهور، ڪراچي شهيد هال لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ وڳي ڪيو آهي جنهن جو خاص مهمان پاڪستان پيپلزپارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن هوندو. ترجمان مطابق انهن تقريبن ۾ اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت، سياسي جدوجهد، ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن تي کين خراجِ عقيدت پيش ڪندا. تقريب جي آخر ۾ سالگره جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويندو.











