ڪراڪس -03 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي حڪومت گادي واري هنڌ ڪراڪس ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيل ڪيترن ئي ڌماڪن جو الزام آمريڪا تي مڙهيندي ان کي فوجي اڳرائي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڇنڇر ڏينهن صبح جو سوير انهن واقعن کان پوءِ صدر نڪولس مادورو ملڪ ۾ قومي هنگامي حالتون لاڳو ڪندي دفاعي فوج کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. سرڪاري بيان موجب حملا ميرانڊا رياست اراگوا ۽ لاگوايرا …
وينزويلا ۾ زوردار ڌماڪا، حڪومت جو آمريڪا تي فوجي اڳرائي جو الزام

مزید خبریں
ڪراڪس -03 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي حڪومت گادي واري هنڌ ڪراڪس ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيل ڪيترن ئي ڌماڪن جو الزام آمريڪا تي مڙهيندي ان کي فوجي اڳرائي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڇنڇر ڏينهن صبح جو سوير انهن واقعن کان پوءِ صدر نڪولس مادورو ملڪ ۾ قومي هنگامي حالتون لاڳو ڪندي دفاعي فوج کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. سرڪاري بيان موجب حملا ميرانڊا رياست اراگوا ۽ لاگوايرا ۾ به ٿيا. وينزويلا جي حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪي حملن جو مقصد ملڪ جي تيل ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ آهي، ان ڪري ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته آمريڪا پنهنجي مقصدن م ڪامياب نه ٿي سگهندو. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ان کان اڳ وينزويلا ۾ زميني ڪارروائين جي عزم جو اظهار ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن پنهنجي هدفن جا تفصيل بيان ناهن ڪيا جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا موجب نجي طور تي هو صدر مادورو تي اقتدار ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي. سومر ڏينهن صدر ٽرمپ چيو هو ته مادورو لاءِ اقتدار ڇڏڻ دانشمنداڻو فيصلو هوندو











