ابوظهبي -03 جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو آهي، ته يمن مان اماراتي هٿياربند فوج جي سمورن اهلڪارن جي واپسي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اهو قدم باقي رهيل ذميوارين جي خاتمي بابت اڳ ئي اعلان ڪيل فيصلي تي عمل تحت کنيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق دفاع واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها واپسي ان انداز ۾ ڪئي وئي جنهن …
يمن مان سمورا فوجي جٿان مڪمل طور تي واپس گهرائي ورتا آهن: گڏيل عرب امارات

مزید خبریں
ابوظهبي -03 جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو آهي، ته يمن مان اماراتي هٿياربند فوج جي سمورن اهلڪارن جي واپسي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اهو قدم باقي رهيل ذميوارين جي خاتمي بابت اڳ ئي اعلان ڪيل فيصلي تي عمل تحت کنيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق دفاع واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها واپسي ان انداز ۾ ڪئي وئي جنهن سان سمورن اهلڪارن جي سلامتي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اهو عمل لاڳاپيل شراڪتدارن سان مڪمل رابطي ۽ هم آهنگي تحت ڪيو ويو. اها اڳڀرائي ان کان پوءِ سامهون آئي جڏهن ڏکڻ يمن جي عارضي ڪائونسل جي سربراهه رشاد العليمي 90 ڏينهن لاءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ اماراتي فوج کي 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو چيو هو.











