نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران بنگلاديش هاءِ ڪميشن جو دورو، بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ اسلام آباد ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو، بنگلاديش جي وقتي هاءِ ڪمشنر سان تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ اسلام آباد ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو، بنگلاديش جي وقتي هاءِ ڪمشنر سان تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم چيو ته ڪجهه مهينا اڳ بنگلاديش جي دوري دوران کيس بيگم خالده ضياءَ سان ملاقات جو موقعو مليو هو. هن چيو ته بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي نيشنلسٽ پارٽي جي چيئرپرسن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو. پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ پنهنجي پاران بنگلاديش جي حڪومت، عوام ۽ مرحومه جي گهرڀاتين ۽ حامين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته بيگم خالده ضياءَ پنهنجي زندگي عوامي خدمت ۽ پنهنجي قوم جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. مشڪل دورن ۾ سندس استقامت ۽ قيادت هڪ پائيدار ورثو ڇڏي وئي آهي. هو انهن سمورن ماڻهن جي دلين ۾ احترام سان ياد رکي ويندي جيڪي ملڪ ۽ عوام جي خدمت جي قدر ڪن ٿا. هن چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام بنگلاديش سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ دعاڳو آهيون ته توهان کي مرحومه جي خدمتن جي ياد ۽ ان جي ڇڏيل ورثي سان حوصلو ملي.

مزید خبریں