پاڪ بحريه جي 3 ريئر ايڊمرلز جي وائيس ايڊمرل جي عهدن تي ترقي

ڪراچي-02 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ريئر ايڊمرل عبدالمنيب، ريئر ايڊمرل سيد احمد سلمان ۽ ريئر ايڊمرل فيصل امين کي وائيس ايڊمرل جي عهدن تي ترقي ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائيس ايڊمرل عبدالمنيب 1992ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هو پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرايل آهي. ان کان علاوه آمريڪا مان …

ڪراچي-02 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ريئر ايڊمرل عبدالمنيب، ريئر ايڊمرل سيد احمد سلمان ۽ ريئر ايڊمرل فيصل امين کي وائيس ايڊمرل جي عهدن تي ترقي ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائيس ايڊمرل عبدالمنيب 1992ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هو پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرايل آهي. ان کان علاوه آمريڪا مان نيول وار ڪاليج ڪمانڊ ڪورس ڪواليفائيڊ آهي. وائيس ايڊمرل عبدالمنيب پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران مختلف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف مقررين جو وسيع تجربو رکي ٿو جنهن ۾ ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس عالمگير، پي اين ايس لاڙڪاڻه، پي اين ايس اڪرم، پي اين ايس آتش، ڪمانڊر سرفيس ٽاسڪ گروپ-2، 25 ڊسٽرائر اسڪواڊرن جي ڪمانڊ ۽ هيڊ ڪوارٽرز US NAVCENT  بحرين ۾ ڪمانڊر ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس-151 جا فرض شامل آهن. هن نيول سيڪريٽري طور، ڊي جي نيول انٽيليجنس، ڊي جي (سي-41) ۽ ڊپٽي چيف آف دي نيول اسٽاف (آپريشنز) نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وقت هو ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس هلال امتياز (ملٽري) ۽ ستاره بسالت سان نوازيو ويو آهي. وائيس ايڊمرل سيد احمد سلمان 1991ع ۾ پاڪ بحريه جي سپلاءِ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. فليگ آفيسر پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرائي نڪتل آهي. سندس سروس ڪيريئر نهايت شاندار آهي، کيس ڪمانڊ ۽ اسٽاف مقررين جو وڏو تجربو حاصل آهي جن ۾ ڊائريڪٽر انوينٽري ڪنٽرول پوائنٽ ۽ ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ (نيوي) شامل آهن. نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ سندس نمايان اسٽاف مقررين ۾ سيڪريٽري ٽو چيف آف دي نيول اسٽاف، ڊائريڪٽر سرفيس اسٽورز ۽ اسسٽنٽ چيف آف دي نيول اسٽاف (سپلاءِ) شامل آهن. ان کان علاوه هو اتاشي ڊفينس پروڪيورمينٽ (برطانيه) به رهيو. هن وقت هو ڊپٽي چيف آف دي نيول اسٽاف (سپلاءِ) ۽ ڊپٽي چيف آف دي نيول اسٽاف (ايڊمن) جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ کيس هلال امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو. وائيس ايڊمرل فيصل امين 1992ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. فليگ آفيسر رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز برطانيه، آرمي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽه ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرائي نڪتل فيصل امين جي شاندار ڪيريئر ۾ مختلف ڪمانڊ ۽ اسٽاف مقررين جو وسيع تجربو شامل آهي، جن ۾ ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس راج شاهي ۽ پي اين ايس عالمگير، 18هين ڊسٽرائر اسڪواڊرن جي ڪمانڊ ۽ ڪمانڊر سرفيس ٽاسڪ گروپ-1 جا فرض شامل آهن. هن يو اي اي نيول ڪاليج، ابوظهبي ۾ انسٽرڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڊائريڪٽر نيول آپريشنز، ڊائريڪٽر نيول ڊولپمينٽ پلانز (پليٽ فارم)، پرنسپل سيڪريٽري ٽو چيف آف دي نيول اسٽاف، اسسٽنٽ چيف آف دي نيول اسٽاف (آپريشنز) ۽ نيول سيڪريٽريءَ طور نيول هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ بچاءُ واري وزارت راولپنڊيءَ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري 3 طور به مقرر رهيو. هن وقت هو ڪمانڊر ڪوسٽ جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. فليگ آفيسر کي ان جي نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ هلال امتياز (ملٽري) ۽ ستاره بسالت سان نوازيو ويو آهي.

مزید خبریں