پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي ملاقات

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن خاص ڪري معدني وسيلن ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير خادم الحرمين الشريفين …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن خاص ڪري معدني وسيلن ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير خادم الحرمين الشريفين جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان لاءِ گهري احترام ۽ قدردانيءَ جي جذبن جو اظهار ڪيو ويو ۽ سندس بصيرت واري قيادت جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ مضبوط عوامي رابطن تي ٻَڌل آهن ۽ هي تاريخي رشتو ڏينهون ڏينهن مختلف شعبن ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ٿيندو پيو وڃي. وفاقي وزير سفير کي آگاهه ڪيو ته سعودي عرب جي دعوت تي پاڪستان هلندڙ مهيني جي آخر ۾ رياض ۾ رٿيل فيچر منرلز فورم ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو. هن ٻُڌايو ته پاڪستان فورم ۾ پاڪستان- دي منرل مارول جي عنوان سان هڪ خصوصي پويلين قائم ڪندو جنهن جو مقصد عالمي معدني برادري سامهون پاڪستان جي وسيع ۽ قيمتي ايراضي وسيلن ۽ امڪانن کي اجاگر ڪرڻ آهي. وفاقي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني وفد جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي 13 معدني ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن، فورم ۾ شرڪت ڪندو. ايف ايم ايف ۾ 90 منٽن تي ٻَڌل ڪنٽري شوڪيس سيشن به منعقد ٿيندو جنهن ۾ وفاقي وزير سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جا سي اي اوز، پرڏيهي سيڙپڪارن جا نمائندا ۽ عالمي ماهر شريڪ ٿيندا. ان سيشن جو موضوع صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ، پاڪستان جي معدني انقلاب کي تيز ڪرڻ جو سفر هوندو. هن چيو ته پاڪستان پويلين ۾ عالمي، کاڻين جي کوٽائي جي اسٽيڪ هولڊرز جي آجيان ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه هوندي. هي پويلين پاڪستان منرل انويسٽ فورم 2026ع (پي ايم آءِ ايف 2026ع) لاءِ اهم حيثيت رکندڙ هوندو جيڪو اپريل 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو، ان ذريعي ايندڙ فورم لاءِ عالمي شرڪت کي هٿي ملندي. نواب بن سعيد احمد المالڪي رياض ۾ رٿيل فيوچر منرلز فورم ۾ پاڪستان جي شرڪت جي شاندار آجيان ڪئي ۽ ان قدم کي ساراهيو. هن ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان ۽ـ سعودي عرب هميشه هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن جيڪو سندن پُراڻن لاڳاپن جي مضبوطيءَ جو اظهار آهي. سفير چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ معدنيات ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته فيوچر منرلز فورم ٻنهي ملڪن وچ ۾ نوان موقعا تلاش ڪرڻ ۽ کين وڌائڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم ثابت ٿيندو. ڌُرين گڏيل اقتصادي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں