سنڌ جي وڏي وزير پاران جمعي جي ڏينهن اوچتو سنڌ سيڪريٽريٽ جو دورو، جاري ترقياتي ۽ مرمتي ڪمن جو جائزو ورتو

ڪراچي-02 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي جي ڏينهن اوچتو سنڌ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو ۽ اتي جاري ترقياتي ۽ مرمتي ڪمن جو جائزو ورتو. 6 سيڪريٽري غير حاضر هجڻ تي وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين کان فوري وضاحت طلب ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون جنهن تي چيف سيڪريٽري غير حاضر سيڪريٽرين کي ايڪسپلينشن ليٽرز جاري ڪري ڇڏيا. …

ڪراچي-02 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي جي ڏينهن اوچتو سنڌ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو ۽ اتي جاري ترقياتي ۽ مرمتي ڪمن جو جائزو ورتو. 6 سيڪريٽري غير حاضر هجڻ تي وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين کان فوري وضاحت طلب ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون جنهن تي چيف سيڪريٽري غير حاضر سيڪريٽرين کي ايڪسپلينشن ليٽرز جاري ڪري ڇڏيا. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب وڏي وزير جي سنڌ سيڪريٽريٽ پهچڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه استقبال ڪيو. دوري دوران وڏي وزير سنڌ سيڪريٽريٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ۽ مرمتي منصوبن جي رفتار ۽ معيار جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن پيشيوراڻي ماحول برقرار رکڻ ۽ سرڪاري آفيسن جي مؤثر ڪارڪردگي کي عوام کي بهتر خدمتون مهيا ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏنو. سنڌ جي وڏي وزير سرڪاري وقتن دوران گهڻن سيڪريٽرين کي آفيسن ۾ موجود ڏسي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان کي انتظامي نظم ۽ ضبط ۽ ذميواري جو سٺو مثال قرار ڏنو. جڏھن ته معائني دوران اهو معلوم ٿيو ته 6 سيڪريٽري صبح ساڍي 9 وڳي تائين آفيسن ۾ غير حاضر هئا، جنهن تي وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ترجمان موجب غير حاضر سيڪريٽرين ۾ مڪاني حڪومت، خوراڪ، ٻيلا (فاريسٽ)، ثقافت، ليبر ۽ لائيو اسٽاڪ کاتن جا سيڪريٽري شامل هئا. سنڌ جي وڏي وزير غير حاضري کي اعليٰ عهدن سان لاڳاپيل ذميوارين ۽ انتظامي نظم ۽ ضبط جي ابتڙ قرار ڏيندي لاڳاپيل سيڪريٽرين کان فوري وضاحت طلب ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وڏي وزير جي هدايتن تي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه غير حاضر سيڪريٽرين کي ايڪسپلينشن ليٽرز جاري ڪري ڇڏيا.