سنڌ حڪومت پاران ڪراچي شھر ۾ زبون حال ڊاھيل عمارتن جي رھواسين کي مفت رھائش ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي -02 جنوري (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي شھر ۾ زبون حال ٿيڻ سبب ڊاھيل عمارتن جي رھواسين کي مفت رھائش ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرائڻ ۽ اُنھن کي ڊاھڻ جي لاءِ ترجيحي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي تھ جيئن شھرين کي …

ڪراچي -02 جنوري (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي شھر ۾ زبون حال ٿيڻ سبب ڊاھيل عمارتن جي رھواسين کي مفت رھائش ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرائڻ ۽ اُنھن کي ڊاھڻ جي لاءِ ترجيحي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي تھ جيئن شھرين کي محفوظ رھائش فراھم ڪري سگھجي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آھي ته غير محفوظ عمارتن کي فوري طور تي خالي ڪرايو وڃي، فيصلي موجب جيڪي عمارتون اڳواٽ ئي خالي ڪيون ويون آھن اُنھن کي ڊاھيو ويندو، متاثر ٿيل رھائشين جي بحالي کي يقيني بڻايو ويندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄي شھر ۾ 588 انتھائي زبون حال عمارتن مان 471 جي سروي اسسٽنٽ ڪمشنرز مڪمل ڪري ورتي آھي. حڪومت 59 خالي ڪرايل عمارتن جي متاثرن جي رھائش جي ترجيح طئي ڪئي آھي ۽ متاثر ٿيل خاندان جي لاءِ فليٽس تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته حيدرآباد، سکر ۽ صوبي جي ٻين شھرن ۾ به اھڙا سروي ڪيا ويندا ته جيئن خطرناڪ عمارتن جي نشاندھي ڪري سگھجي.