اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏنو. دوري دوران هن اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن …
پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري جو اي پي پي هيڊڪوارٽرز جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏنو. دوري دوران هن اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني سفير پاڪستاني عوام جي ايران جي لاءِ محبت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جا دوست آهن. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته آزمائش جي گهڙي ۾ ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. سفير رضا اميري پاڪستان سان تعاون جي وسيع امڪانن تي روشني وجهندي چيو ته فوجي مشقن، واپار ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. هن ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿو 3.3 ارب ڊالر آهي جنهن کي ساليانو 10 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جو ارادو آهي.

هن ميڊيا تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ايراني نيوز ايجنسي (ارنا) ۽ اي پي پي جي وچ ۾ سڌوسنئون خبرن جي مٽاسٽا ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن غلط معلومات جي تدارڪ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايراني سفير علائقائي رابطا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ايران جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو جن ۾ نوان سرحدي رستا کولڻ ۽ اسلام آباد کان تهران جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي شروعات پڻ شامل آهي. هن پاڪستاني صدر کي جلد ايران جي دوري جي دعوت ڏني. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي خاص طور تي فلسطين جي مسئلي تي ايران جي پاڪستان جي لاءِ حمايت کي ساراهيو. هن واپار، ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مقدس جاين ۽ زيارتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. ملاقات ۾ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ، ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ علي رضا علوي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊپلوميٽڪ اينڊ گلوبل افيئرز مدثر اقبال جڏهن ته ايراني سفارتخاني جا ڪميونيڪشن عهديدار هادي گلريز ۽ حبيب پڻ موجود هئا.











