ڪراچي-02 جنوري (اي پي پي) واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان چيو آهي ته نيشنل اسٽيڊيم روڊ ڪراچي وٽ واٽر ڪارپوريشن جي 48 انچ قطر واري ڊايا لائين جي متاثر ٿيڻ واري معاملي تي بروقت ڪارروائي ڪندي مرمتي ڪم گذريل رات ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ليڪيج جو اطلاع ملڻ شرط واٽر ڪارپوريشن جي فيلڊ ٽيمن هنگامي بنيادن تي ڊي واٽرنگ ۽ مرمتي ڪم شروع ڪيو۔ …
ڪراچي ۾ نيشنل اسٽيڊيم روڊ وٽ واٽر ڪارپوريشن جي متاثر ٿيل لائين جو مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي: واٽر ڪارپوريشن جو ترجمان
ڪراچي-02 جنوري (اي پي پي) واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان چيو آهي ته نيشنل اسٽيڊيم روڊ ڪراچي وٽ واٽر ڪارپوريشن جي 48 انچ قطر واري ڊايا لائين جي متاثر ٿيڻ واري معاملي تي بروقت ڪارروائي ڪندي مرمتي ڪم گذريل رات ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ليڪيج جو اطلاع ملڻ شرط واٽر ڪارپوريشن جي فيلڊ ٽيمن هنگامي بنيادن تي ڊي واٽرنگ ۽ مرمتي ڪم شروع ڪيو۔ ترجمان ٻڌايو تہ عملي جي مسلسل محنت ۽ بروقت قدمن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل لائين کي مقرر وقت اندر ٻيهر فعال ڪيو ويو. مرمتي ڪم جي مڪمل ٿيڻ بعد جمشيد ٽائون ۽ گلشن ٽائون جي متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بحال ڪئي وئي آهي۔ واٽر ڪارپوريشن موجب مرمتي سرگرمين دوران شهرين کي عارضي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن تي ادارو شهرين کان معذرت خواھ آهي۔ ترجمان شهرين جي تعاون ۽ صبر کي ساراهيندي چيو تہ واٽر ڪارپوريشن سموري شهر ۾ پاڻي جي لائينن جي مسلسل نگراني ۽ بروقت مرمت جي عمل کي يقيني بڻائي رهيو آهي تہ جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.











