بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ موقعا ڏيڻ پائيدار امن جي ضمانت آهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان جي عوام لاءِ امن، ترقي، شموليت ۽ آئيني حقن جي حوالي سان رياست جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو ته صوبي جي اهميت صرف جاگرافيائي حدن تائين محدود ناهي پر ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو هئڻ جي ناتي بلوچستان علائقائي رابطن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو ۽ ڏکڻ ايشيا کي وچ ايشيا …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان جي عوام لاءِ امن، ترقي، شموليت ۽ آئيني حقن جي حوالي سان رياست جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو ته صوبي جي اهميت صرف جاگرافيائي حدن تائين محدود ناهي پر ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو هئڻ جي ناتي بلوچستان علائقائي رابطن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو ۽ ڏکڻ ايشيا کي وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا سان جوڙي ٿو. سينيٽ چيئرمين اهڙو اظهار ايوانِ صدر ۾ نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جو روشن مستقبل، علائقائي رابطا ڪاري ۽ قومي سلامتيءَ ۾ اهم ڪردار رکي ٿو، صوبي جي نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ موقعا ڏيڻ پائيدار امن جي ضمانت آهي. وفاقي ادارن ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي نمائندگي وڌائڻ قومي ترجيح رهي آهي. ريڪوڊڪ، سي پيڪ ۽ ايس آءِ ايف سي بلوچستان جي معاشي ترقيءَ لاءِ همٿائيندڙ منصوبا آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان جي اهميت صرف جاگرافيائي حدن تائين محدود ناهي ان جا وسيلا ۽ سامونڊي پٽي قومي معيشت جو بنياد آهن. هن چيو ته آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج وفاق ۽ صوبي وچ ۾ اعتماد جي بحاليءَ جو تاريخي قدم هو. آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج ذريعي مالي خودمختياري، روزگار ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو ويو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بلوچستان جي عوام جي ثابت قدمي ۽ حوصلو قوم لاءِ فخر جوڳو آهي. سينيٽ وفاق طور صوبائي حقن جي تحفظ ۽ متوازن ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي. پارليامينٽ جمهوري قدرن، شفافيت ۽ بين الصوبائي هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته رياست بلوچستان جي عوام جي امن، ترقي، شموليت ۽ آئيني حقن جي مڪمل پابند آهي. نيشنل ورڪشاپ بلوچستان قومي يڪجهتي ۽ باخبر قيادت کي هٿي وٺرائڻ جي قابلِ تحسين ڪوشش آهي، بلوچستان جي عوام جي ثقافت ۽ روايتون قومي سُڃاڻپ جو لازمي جُز آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته معدني وسيلن کان متاثر علائقن جي مقامي آباديءَ کي ترقيءَ جا ثمر ڏيڻ اڻٽر آهي. بلوچستان کي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جا سنگين چئلينجز درپيش آهن. ٻوڏ ۽ شديد برساتن کان متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ ڊگهي مُدي جي منصوبا بندي ضروري آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته شرڪت ڪندڙن کي آئيني قدرن جي احترام ۽ جمهوري دائري ۾ رهي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان جو سمنڊ، قدرتي وسيلا ۽ جاگرافيائي بيهڪ ان کي پاڪستان جي معاشي مستقبل ۽ قومي سلامتيءَ جو مرڪزي ٿنڀ بڻائين ٿا. هن چيو ته بلوچستان جو عوام پنهنجي ڀرپور ثقافت، تاريخ ۽ روايتن سان قومي سڃاڻپ جو لازمي حصو آهي ۽ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ترقي موقعا ۽ شموليت صوبي جي هر ڪنڊڪڙڇ تائين پهچن. وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي سينيٽ چيئرمين بلوچستان سان تعلق رکندڙ مختلف تعليمي ادارن ۽ استادن شاگردن جي گروپ سان ملاقات تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هن نيشنل ورڪشاپ بلوچستان کي بلوچستان حڪومت جو ساراهه جوڳو ۽ مسلسل جاري رهندڙ قدم قرار ڏنو جيڪو 12 ڪور هيڊ ڪوارٽرز ڪوئيٽه جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو جنهن جو مقصد قومي هم آهنگي باخبر قيادت ۽ صوبي ۽ ان جي عوام سان سڌيءَ ريت لاڳاپيل معاملن تي تعميري ڳالهين کي هٿي ڏيڻ آهي. هن منتظمين جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاليسي سازن، تعليمي ماهرن، پيشيور ماڻهن ۽ نوجوان قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ سان گڏيل فهم، قومي يڪجهتي ۽ سگهه سازي کي نمايان هٿي ملي ٿي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان نيول وار ڪاليج جي پنهنجي هاڻوڪي دؤري جو حوالي ڏيندي سامونڊي سلامتي ۽ بليو اڪانامي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ان نوعيت جي مصروفيتن سان قومي، دفاعي ۽ ترقياتي ترجيحن جي جامع تفهيم خصوصن بلوچستان جهڙن صوبن لاءِ جيڪو غير معمولي چٽاڀيٽي وارو ۽ سامونڊي اهميت رکي ٿو لاءِ نهايت اهم آهي. بلوچستان جي پاڪستان ۾ ڪردار بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ان جو سامونڊي، قدرتي وسيلن ۽ مختلف سماجي بيهڪ ان کي بلوچستان جي معاشي مستقبل ۽ قومي سلامتي جو مرڪزي ٿنڀ بڻائين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بلوچستان جو عوام پنهنجي ڀرپور ثقافت، تاريخ ۽ روايتن سان قومي سُڃاڻپ جو لازمي حصو آهي. هن ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڀريو ته ترقي، موقعا ۽ شموليت صوبي جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي وزارت عظميٰ جي مُدي کي ياد ڪندي چيو ته سندس حڪومت بلوچستان کي قومي ترجيحن جي مرڪز ۾ رکيو. 2009ع ۾ پارليامينٽ مان متفقه طور منظور ٿيل آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج هڪ تاريخي قدم قرار ڏيندي هن چيو ته ان جو مقصد پُراڻي سياسي معاشي ۽ انتظامي مسئلن کي جمهوري ۽ آئيني ذريعن سان حل ڪرڻ هو. هن چيو ته هي پيڪيج وفاق ۽ صوبي وچ ۾ اعتماد جي بحالي، صوبائي مالي خودمختياري کي هٿي ڏيڻ، قدرتي وسيلن جو منصفاڻو فائدو کڻڻ، وفاقي ادارن ۾ بلوچ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ سول سروسز ۾ بهتر نمائندگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ جوڙيو ويو هو. تعليم کي خصوصي اهميت ڏني وئي، جنهن تحت وظيفا ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ قيام ذريعي مقامي صلاحيتن جي آبياري ڪئي وئي. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل مربوط سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته ريڪوڊڪ ۽ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبا صوبائي مفادن کي نظر ۾ رکندي معاشي ترقي، سگهه ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ جي صلاحيت رکن ٿا. سينيٽ چيئرمين موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن سبب بلوچستان کي درپيش چئلينجز طرف ڌيان ڇڪرايو، جن ۾ ٻوڏ ۽ شديد برساتون شامل آهن، جن سان قيمتي حياتين ۽ روزگار جو نقصان ٿيو. هن ان مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مسلسل انساني امداد، بحالي ۽ ڊگهي مُدي جي منصوبا بندي جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته انهن چئلينجز باوجود بلوچستان عوام جي استقامت، طاقت ۽ اميد جو سرچشمو آهي. هن چيو ته بلوچستان جا نوجوان صوبي جو قيمتي اثاثو آهن ۽ کين تعليم، مهارتن ۽ رياستي ادارن ۾ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو امن، ترقي ۽ قومي يڪجهتي جا علمبدار بڻجي سگهن. يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ آف پاڪستان وفاق جي ايوان طور صوبائي حقن جي تحفظ، وفاق کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن خطن ۾ متوازي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نگراني ۽ شفافيت سميت ڳالهين ذريعي پُرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو جدت جو احترام ڪن، آئيني قدر برقرار رکن ۽ جمهوري دائره ڪار اندر رهندي ڪردار ادا ڪن. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي ورڪشاپ کين پارلياماني جمهوريت بابت بهتر سڌ ڏيندو ۽ قومي ترقيءَ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب فراهم ڪندو. هن نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي انتظاميه ۽ شرڪت ڪندڙن کي ورڪشاپ جي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنيون ۽ انهن جي مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن قانونسازي، بلوچستان سميت قومي سطح جي مختلف قومي معاملن بابت مختلف سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا.