لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر ۾ 13 رجب جشن آمد مولا علي عليه السلام جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

لاڙڪاڻو-02 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ٽراما سينٽر جي انتظاميه طرفان 13 رجب جشن آمد مولا علي عليه السلام جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن تقريب ۾ انچارج ٽراما سينٽر ڊاڪٽر شاهزيب شيخ، ڊاڪٽر احمد الدين سومرو، ڊاڪٽر هادي بخش زرداري، ڊاڪٽر ڪليم کوسو، ڊاڪٽر ارشاد علي ابڙو، ڊاڪٽر محمد قاسم کهاوڙ، ڊاڪٽر ڪوثر ارباب جوڻيجو، ڊاڪٽر مهڪ شيخ، سجاد سوهو، سراج سرڪي، قربان …

لاڙڪاڻو-02 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ٽراما سينٽر جي انتظاميه طرفان 13 رجب جشن آمد مولا علي عليه السلام جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن تقريب ۾ انچارج ٽراما سينٽر ڊاڪٽر شاهزيب شيخ، ڊاڪٽر احمد الدين سومرو، ڊاڪٽر هادي بخش زرداري، ڊاڪٽر ڪليم کوسو، ڊاڪٽر ارشاد علي ابڙو، ڊاڪٽر محمد قاسم کهاوڙ، ڊاڪٽر ڪوثر ارباب جوڻيجو، ڊاڪٽر مهڪ شيخ، سجاد سوهو، سراج سرڪي، قربان ٻرڙو، رضوان شيخ، واجد وڌو، ڊاڪٽر نثار شيخ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته اڄ اسان لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي جو اسان مولا علي عليه السلام جي آمد جو جشن ملهائي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو حضرت امام علي عليه السلام ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جو ويجهو ساٿي هو، جيڪو هميشه پاڻ ڪريم ﷺ سان گڏ رهندو هو، جڏهن ته حضرت امام علي عليه السلام جون دين اسلام لاءِ لازوال قربانيون آهن، جيڪي اسان سڀني اڳيان آهن، اسان کي پڻ گهرجي ته اسين سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ ۽ حضرت امام علي عليه السلام جي ڏسيل رستي تي هلندي انسان ذات جي خدمت ڪريون. هوڏانهن تقريب جي پڄاڻي تي 13 رجب جي جشن جو ڪيڪ ڪاٽڻ بعد ملڪ ۽ قوم لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.