حيدرآباد ۾ ڪچي قلعي جي ماربل مارڪيٽ ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

حيدرآباد -02 جنوري (اي پي پي) حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي پوليس کي ڪچي قلعي جي ماربل مارڪيٽ ڀرسان نوجوان جو لاش مليو آهي. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن مڪي شاهه ٿاڻي جي پوليس کي ڪچي قلعي جي ماربل مارڪيٽ ڀرسان ٻوڙن مان اٽڪل 25 ورهين جي نامعلوم نوجوان جو ڳلو وڍيل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن کي ايڌي جي رضاڪارن جي مدد سان سول اسپتال حيدرآباد …

حيدرآباد -02 جنوري (اي پي پي) حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي پوليس کي ڪچي قلعي جي ماربل مارڪيٽ ڀرسان نوجوان جو لاش مليو آهي. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن مڪي شاهه ٿاڻي جي پوليس کي ڪچي قلعي جي ماربل مارڪيٽ ڀرسان ٻوڙن مان اٽڪل 25 ورهين جي نامعلوم نوجوان جو ڳلو وڍيل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن کي ايڌي جي رضاڪارن جي مدد سان سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان جي ڪپڙن مان سڃاڻپ جوڳو ڪو به ڪاغذ يا ڪارڊ وغيره هٿ نه آيو آهي، جنهن ڪري ڊوائيس جي مدد سان بائيو ميٽرڪ ڪرائي سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.