نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دفاع واري وزارت پاران اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دفاع واري وزارت پاران اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان ۾ غيرملڪي سڌوسنئون سيڙپڪاري (ايف ڊي آءِ) جي فروغ بابت حڪومت جي پاليسي کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو مقصد ملڪ ۾ معاشي ۽ واپاري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ آهي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا واري وفاقي سيڪريٽري، دفاع واري سيڪريٽري، نجڪاري واري سيڪريٽري سميت مختلف وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.