وزيراعظم پاران اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس جي 1 لک 79 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس جي 1 لک 79 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جو سفر معاشي ٽيم جي محنت جي ڪري …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس جي 1 لک 79 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جو سفر معاشي ٽيم جي محنت جي ڪري جاري آهي. هن معاشي رخ جي بهتري ۽ ملڪ کي ترقي جي سفر تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.