وفاقي ڪابينا پاران گرڊ آف گرڊ (ڪيپٽو پاور پلانٽس) ليوي ايڪٽ 2025ع ۾ ترميم جو صدارتي حڪمنامو جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪارروائي جي منظوري

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا آف گرڊ ڪيپٽو پاور پلانٽس کي گئس جي وڪري جي حوالي سان آف گرڊ (ڪيپٽو پاور پلانٽس) ليوي ايڪٽ 2025ع ۾ ترميم جو صدارتي حڪمنامو جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري ڪاميابي سان طئي ٿي ۽ بڊنگ جو عمل …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا آف گرڊ ڪيپٽو پاور پلانٽس کي گئس جي وڪري جي حوالي سان آف گرڊ (ڪيپٽو پاور پلانٽس) ليوي ايڪٽ 2025ع ۾ ترميم جو صدارتي حڪمنامو جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري ڪاميابي سان طئي ٿي ۽ بڊنگ جو عمل انتهائي شفاف رهيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ جي ڊي پي ۾ خاطرخواهه اضافو خوش آئنده آهي، گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان تازيون ملاقاتون ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل مشاورت جي ڏس ۾ انتهائي ڪارائتيون رهيون، سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاد محمد بن سلمان سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري انتهائي ڪاميابي سان طئي ٿي ۽ بڊنگ جو عمل انتهائي شفاف رهيو. هن چيو ته اسان حڪومت ۾ ايندي ئي اهو عزم ڪيو هو ته خساري جو شڪار رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، پي آءِ اي جي نجڪاري ان حوالي سان هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. سندس چوڻ هو ته خساري ۾ ويندڙ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن جي ويزن جو حصو آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ خاطرخواهه اضافو خوش آئنده آهي. هن چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو کان ڪڍي معاشي استحڪام تائين آندو آهي. هن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان پنهنجي تازي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي انهن کي ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل مشاورت جي ڏس ۾ انتهائي لاڀائتو قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ ڏينهن اڳ سندس سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي خوشگوار ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 30 ڊسمبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ (ترميمي) آرڊيننس، 2025ع جي حوالي سان ڪارروائي جي توثيق پڻ شامل آهي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 ڊسمبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 26 آگسٽ 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن ۾ آف گرڊ (ڪيپٽو پاور پلانٽ) ليوي جي حوالي سان بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان فيصلي جي توثيق پڻ شامل آهي. وفاقي ڪايبنا پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي ٿرڊ پارٽي پاران آف دي گرڊ ڪيپٽو پاور پلانٽس کي گئس جي وڪري جي حوالي سان آف گرڊ (ڪيپٽو پاور پلانٽس) ليوي ايڪٽ 2025ع ۾ ترميم جي صدارتي حڪنامو جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.