پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي،100 انڊيڪس ھڪ لک 78 ھزار 504 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پھچي ويو

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي جو سلسلو جاري آھي.جمعي ڏينھن 100 انڊيڪس ھڪ لک 78 ھزار پوائنٽس جي تاريخي حد پار ڪري ورتي. ڪاروبار جي شروعات تي ئي مارڪيٽ ۾ زبردست خريداري جو رجحان رھيو، جنھن سبب ھنڊرڊ انڊيڪس 2100 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان ھڪ لک 78 ھزار 504 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تائين پھچي ويو، جيڪو پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي جو سلسلو جاري آھي.جمعي ڏينھن 100 انڊيڪس ھڪ لک 78 ھزار پوائنٽس جي تاريخي حد پار ڪري ورتي. ڪاروبار جي شروعات تي ئي مارڪيٽ ۾ زبردست خريداري جو رجحان رھيو، جنھن سبب ھنڊرڊ انڊيڪس 2100 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان ھڪ لک 78 ھزار 504 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تائين پھچي ويو، جيڪو پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي تاريخ جو نئون رڪارڊ آھي. مارڪيٽ ذريعن مطابق بئنڪنگ، توانائي، آئل اينڊ گيس، سيمنٽ ۽ آٽو موبائيل سيڪٽرز ۾ نمايان خريداري ڏسڻ ۾ آئي، مقامي ۽ پرڏيھي سيڙپڪارن مارڪيٽ ۾ ڀرپور دلچسپي جو مظاھرو ڪيو. واضح رھي ته گذريل ڏينھن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 2301 پوائنٽس جي اضافي سان ھڪ لک 76 ھزار 355 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو ھو.