ليبريويل-02جنوري (اي پي پي) گيبون جي صدر بريس ڪلوتائر اوليگي نگويما 31 رڪني نئين ڪابينا جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قانون ساز ۽ مقامي چونڊن کانپوءِ ان ڪابينا ۾ تبديلي تحت گهرو، پرڏيهي معاملن، انصاف، پيٽروليم، معيشت ۽ ماليات جي وزارتن ۾ نيون مقرريون ڪيون ويون. صدر اڪثر خودمختيار ۽ اهم کاتن ۾ پنهنجن ويجهن ساٿين کي برقرار رکيو آهي. نئين ڪابينا ۾ 11 عورتون ۽ …
گيبون جي صدر نئين حڪومت جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
ليبريويل-02جنوري (اي پي پي) گيبون جي صدر بريس ڪلوتائر اوليگي نگويما 31 رڪني نئين ڪابينا جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق قانون ساز ۽ مقامي چونڊن کانپوءِ ان ڪابينا ۾ تبديلي تحت گهرو، پرڏيهي معاملن، انصاف، پيٽروليم، معيشت ۽ ماليات جي وزارتن ۾ نيون مقرريون ڪيون ويون. صدر اڪثر خودمختيار ۽ اهم کاتن ۾ پنهنجن ويجهن ساٿين کي برقرار رکيو آهي. نئين ڪابينا ۾ 11 عورتون ۽ 20 مرد شامل آهن. گيبون جي آئين مطابق صدر رياست سان گڏو گڏ حڪومت جي سربراهه جا فرض به ادا ڪندو آهي.











