اردن جي ولي عهد پاران نئين سال جي موقعي تي خوبصورت فيملي تصوير شيئر

عمان-02 جنوري(اي پي پي) اردن جي ولي عهد شهزاده الحسين بن عبدالله سال 2025ع جي آخري ڏينهن پنهنجي فيملي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي سعودي ڄاول زال شهزادي رجوه الحسين ۽ ڌيءَ شهزادي ايمان سان گڏ نظر اچي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب تصوير ۾ نوجوان فيملي کي پرسڪون ماحول ۾ ڏيکاريو ويو آهي جيڪا سال جون آخري گهڙيون گڏ گذاريندي سندن نجي زندگي جي هڪ منفرد جهلڪ …

عمان-02 جنوري(اي پي پي) اردن جي ولي عهد شهزاده الحسين بن عبدالله سال 2025ع جي آخري ڏينهن پنهنجي فيملي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي سعودي ڄاول زال شهزادي رجوه الحسين ۽ ڌيءَ شهزادي ايمان سان گڏ نظر اچي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب تصوير ۾ نوجوان فيملي کي پرسڪون ماحول ۾ ڏيکاريو ويو آهي جيڪا سال جون آخري گهڙيون گڏ گذاريندي سندن نجي زندگي جي هڪ منفرد جهلڪ آهي.انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪندي هن لکيو ته رجوه، اسان جي ننڍي ايمان ۽ منهنجي طرفان اوهان کي امن ۽ سڪون سان ڀرپور نئون سال مبارڪ چئون ٿا. ٻنهي سال 2025 مصروف گزاريو. شهزادي رجوه ڪنگ چارلس جي ڀاءُ اينڊريو جي ڌيءَ يوجيني سان لنڊن ۾ اسپرنگ فيلڊ يونيورسٽي اسپتال فار مينٽل هيلٿ جو به دورو ڪيو. ياد رهي ته ولي عهد ۽ شهزاده حسين ۽ شهزادي رجوه جون 2023ع ۾ شادي ڪئي هئي. شاهي جوڙي کي هڪ نياڻي ڄائي آهي جنهن جو نالو شهزادي ايمان رکيو ويو آهي.

مزید خبریں