وزيراعظم پاران حافظ محمد طاهر محمود اشرفي وچ اوڀر ۽ مسلمان ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي لاءِ ڪوآرڊينيٽر مقرر

اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي کي وچ اوڀر ۽ مسلمان ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ پاڪستاني ڊائسپورا جي لاءِ ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اها مقرري هڪ انتهائي اهم وقت ۾ عمل ۾ آئي آهي جڏهن پاڪستان بدلجندڙ علائقائي حالتن جي ڏس ۾ مسلمان دنيا سان پنهنجي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جو …

اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي کي وچ اوڀر ۽ مسلمان ملڪن ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ پاڪستاني ڊائسپورا جي لاءِ ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اها مقرري هڪ انتهائي اهم وقت ۾ عمل ۾ آئي آهي جڏهن پاڪستان بدلجندڙ علائقائي حالتن جي ڏس ۾ مسلمان دنيا سان پنهنجي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته نار ۽ ٻين اسلامي ملڪن سان لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت پڻ وڌندي پئي وڃي. اها ڳالهه جاري ٿيندڙ هڪ پڌرائي ۾ چئي وئي. حافظ طاهر اشرفي ان کان اڳ خصوصي نمائندي جي طور ي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ مذهبي سفارتڪاري، بين المذاهب رابطن ۽ عالمي سطح تي رابطاڪاري جو وسيع تجربو رکي ٿو. پنهنجي نئين ڪردار ۾ هو گڏيل رابطاڪاري کي فروغ ڏيڻ، گڏيل هم آهنگي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ اسلامي ۽ عرب ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ خاص طور تي مذهبي هم آهنگي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي بابت ذميوار هوندو. مذهبي هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جي ڪري حافظ طاهر اشرفي کي وسيع پئماني تي ساراهيو وڃي ٿو. هن پاڪستان ۾ مختلف مذهبي مڪتبه فڪر جي وچ ۾ مڪالمي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو رابطته العالم الاسلامي جي سپريم ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي ۽ ڪيترين ئي نمايان عالمي ۽ اسلامي تنظيمن سان واڳيل آهي. عرب ۽ مسلمان دنيا جي ناليواري اسلامي عالمن ۽ اعليٰ شخصيتن سان سندس ويجها ۽ پراڻا لاڳاپا آهن. اها مقرري مذهبي هم آهنگي جي فروغ، مسلمان ملڪن سان مثبت ۽ تعميري رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي مفادن ۽ اوورسيز ڪميونٽي جي موثر نمائندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاس آهي.

مزید خبریں