ڪراچي-01 جنوري (اي پي پي) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت زبون حال عمارتن کي خالي ڪرائڻ، انهن کي ڪيرائڻ ۽ متاثر رهواسين لاءِ رهائش جي فراهمي بابت ترجيحي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اهڙو اظهار هن ڪمشنر ڪراچي جي آفيس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته زبون حال عمارتن کي جلد از …
سنڌ حڪومت زبون حال عمارتن کي خالي ڪرائڻ، انهن کي ڪيرائڻ ۽ متاثر رهواسين لاءِ رهائش جي فراهمي بابت ترجيحي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي: سيد ناصر حسين شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-01 جنوري (اي پي پي) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت زبون حال عمارتن کي خالي ڪرائڻ، انهن کي ڪيرائڻ ۽ متاثر رهواسين لاءِ رهائش جي فراهمي بابت ترجيحي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اهڙو اظهار هن ڪمشنر ڪراچي جي آفيس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته زبون حال عمارتن کي جلد از جلد خالي ڪرايو وڃي، جيڪي عمارتون اڳ ئي خالي ڪرايون ويون آهن تن کي ڊاٺو وڃي، ۽ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ ترجيحي قدم کنيا وڃن. صوبائي وزير چيو ته زبون حال عمارتن جي خالي ڪرائڻ ۽ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ فوري نوعيت جون ڪوششون ضروري آهن، ته جيئن رهواسين جي زندگين کي محفوظ بڻائي سگهجي ۽ کين باعزت ۽ محفوظ رهائش فراهم ڪئي وڃي.ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنرن 588 انتهائي زبون حال عمارتن مان 471 جو جنرل سروي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. سروي ذريعي ملڪيت، رهواسين ۽ يونٽن سميت سموري ضروري معلومات گڏ ڪئي وئي آهي.اجلاس ۾ 59 خالي ڪرايل عمارتن جي رهواسين جي بحالي لاءِ ترجيحي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ مناسب هنڌن تي فليٽس تعمير ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان سلسلي ۾ آباد ۽ سيلاني کان به مدد حاصل ڪئي ويندي.اجلاس ۾ 588 انتهائي زبون حال عمارتن سان گڏ ٻين زبون حال عمارتن جو به ٽيڪنيڪل سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي کان علاوه حيدرآباد، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به زبون حال عمارتن جو سروي ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته زبون حال عمارتن جو جامع سروي ڪرائي ۽ ان دائري ۾ ٻين شهرن کي به شامل ڪيو وڃي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ موجود سڀني قديم ۽ پراڻين عمارتن کي مرحليوار سروي ۾ شامل ڪيو ويندو. اجلاس 588 زبون حال عمارتن جو ٽيڪنيڪل سروي ڪرائڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي.اجلاس ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ رفيق قريشي، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو، آباد جو نمائندو اويس ٿانوي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، پاڪستان ڪائونسل فار آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلاننگ جا نمائندا ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.











