برن-01 جنوري (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ جي هڪ لگزري هوٽل(ريزارٽ) ۾ ڌماڪي سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ٻُڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جو خدشو آهي. اٽلي جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سوئٽزرلينڊ پوليس کان مليل ڄاڻ موجب تقريبن 40 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس پريس …
سوئٽزرلينڊ جي لگزري هوٽل ۾ ڌماڪو، 40 ڄڻا فوت، 100 کان وڌيڪ زخمي

مزید خبریں
برن-01 جنوري (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ جي هڪ لگزري هوٽل(ريزارٽ) ۾ ڌماڪي سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ٻُڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جو خدشو آهي. اٽلي جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سوئٽزرلينڊ پوليس کان مليل ڄاڻ موجب تقريبن 40 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس پريس ڪانفرنس ۾ ان واقعي تي درجنين ماڻهن کان وڌيڪ وضاحت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ پرڏيهي ميڊيا به پوليس جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته ان واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪجهه مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو انگ ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. پوليس جي ترجمان انگ جي تصديق کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي سڙي وڃڻ جي ڪري زخمين کي علاج لاءِ آندو پيو وڃي. پوليس ترجمان پرڏيهي ميڊيا کي ٻُڌايو ته گذريل ڏينهن ٿيل ڌماڪي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو پر ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ ڪيترائي فوت ٿي ويا. هن چيو ته مقامي وقت موجب رات جو تقريبن ڏيڍ وڳي هڪ بار ۾ جڏهن ماڻهو نئين سال جو جشن ملهائي رهيا هئا ته ڌماڪو ٿيو. بار جو نالو لي ڪانسٽيليشن آهي جيڪو سياحن ۾ وڌيڪ مقبول آهي. هن چيو ته ريسيڪو آپريشن اڃا به جاري آهي. ميڊيا طرفان شايع ڪيل تصويرن ۾ عمارت کي باهه وڪوڙي وئي ۽ ايمرجنسي سروسز کي ويجهي کان ڏٺو ويو. پوليس وڌيڪ چيو ته علائقي کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي ۽ ڪرانس مونٽانا تي نو فلاءِ زون لاڳو ڪيو ويو آهي. سوئيس ميڊيا آئوٽ ليٽ بليڪ پوليس جي حوالي سان ٻُڌايو ته ڌماڪي وقت بار ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا.











