جي سي يونيورسٽي المناءِ ايسوسيئيشن پاران 15 شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وئي

حيدرآباد -1 جنوري (اي پي پي)گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ هڪ تقريب دوران يونيورسٽي جي المناءِ ايسوسيئيشن 15 مستحق شاگردن کي سالياني فيس تي ٻڌل اسڪالرشپ فراهم ڪئي.وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر معظم علي خان، ڊين ۽ مختلف شعبن جي سربراهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن جي ڀلائي لاء المناءِ ايسوسيئيشن جي ڪردار کي واکاڻيو.المناءِ ايسوسيئيشن جي صدر اشفاق احمد مستحق شاگردن ۾ چيڪ ورهايا ۽ شاگردن لاءِ ذاتي طور تي هڪ لک رپين جو عطيو به ڏنو.هن …

حيدرآباد -1 جنوري (اي پي پي)گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ هڪ تقريب دوران يونيورسٽي جي المناءِ ايسوسيئيشن 15 مستحق شاگردن کي سالياني فيس تي ٻڌل اسڪالرشپ فراهم ڪئي.وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر معظم علي خان، ڊين ۽ مختلف شعبن جي سربراهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن جي ڀلائي لاء المناءِ ايسوسيئيشن جي ڪردار کي واکاڻيو.
المناءِ ايسوسيئيشن جي صدر اشفاق احمد مستحق شاگردن ۾ چيڪ ورهايا ۽ شاگردن لاءِ ذاتي طور تي هڪ لک رپين جو عطيو به ڏنو.هن اسڪالرشپ ذريعي باصلاحيت شاگردن جي مالي مدد ذريعي تعليمي معيار کي هٿي وٺرائڻ واري عزم جو اظھار ڪيو.وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر معظم علي خان المناءِ جي ان عمل کي ساراهيو ۽ چيو ته اڳوڻن شاگردن جي سهڪار سان يونيورسٽي کي مضبوط بڻائڻ ۽ مستقبل جي گريجوئيٽس کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي.