لاهور -01 جنوري (اي پي پي) پي ڊي ايم اي گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق پنجاب جي اڪثر ضلعن جي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، برسات سبب سموگ جي صورتحال ۾ گهٽتائي آئي آهي. ترجمان مطابق راولپنڊي ۾ 18، مري ۾ 12، ساهيوال ۾ 8، ميانوالي ۾ 6، جهنگ ۾ 5، چڪوال، جوهرآباد، ملتان ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ 4، ڀڪر، ناروال ۽ …
پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ تيزبرسات سان سموگ جي صورتحال ۾ گهٽتائي ٿي آهي: ڊي جي پي ڊي ايم اي
لاهور -01 جنوري (اي پي پي) پي ڊي ايم اي گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق پنجاب جي اڪثر ضلعن جي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، برسات سبب سموگ جي صورتحال ۾ گهٽتائي آئي آهي. ترجمان مطابق راولپنڊي ۾ 18، مري ۾ 12، ساهيوال ۾ 8، ميانوالي ۾ 6، جهنگ ۾ 5، چڪوال، جوهرآباد، ملتان ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ 4، ڀڪر، ناروال ۽ فيصل آباد ۾ 3، اٽڪ، سرگوڌا، منڊي بهاوالدين ۽ شورڪوٽ ۾ 2، ڊيرا غازي خان، راجن پور، بهاولپور، جهلم، اوڪاڙا، سيالڪوٽ، حافظ آباد، خانيوال، ڪوٽ ليه، شيخوپوره ۾ به برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو ته برسات سبب ڪوهيڙي ۽ سموگ جي صورتحال ۾ گهٽتائي ٿي آهي.











