برسلز - 01 جنوري (اي پي پي ) انٽر نيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (آءِ ايف جي ) چيو آهي ته سال 2025ع دوران سڄي دنيا ۾ 128 صحافي قتل ٿيا جن مان اڌ کان وڌيڪ وچ اوڀر ۾ ماريا ويا جڏهن ته اسرائيل غزه ۾ هڪ سال دوران پنهنجي فوجي ڪارروائين ۾ 56 صحافين کي قتل ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ ايف جي، جي جنرل سيڪريٽري اينٿوني بيلانگر خميس ڏينهن …
گذريل سال سڄي دنيا ۾ 128 صحافي قتل ٿيا ، 533 قيد ۾ آهن : انٽر نيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽ

مزید خبریں
برسلز – 01 جنوري (اي پي پي ) انٽر نيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (آءِ ايف جي ) چيو آهي ته سال 2025ع دوران سڄي دنيا ۾ 128 صحافي قتل ٿيا جن مان اڌ کان وڌيڪ وچ اوڀر ۾ ماريا ويا جڏهن ته اسرائيل غزه ۾ هڪ سال دوران پنهنجي فوجي ڪارروائين ۾ 56 صحافين کي قتل ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ ايف جي، جي جنرل سيڪريٽري اينٿوني بيلانگر خميس ڏينهن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهو انگ سال 2024ع کان هيستائين جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي، اهي رڳو انگ اکر ناهن پر اسان جي ساٿين لاءِ عالمي سطح تي ريڊ الرٽ آهي . پريس گروپ فلسطين جي علائقن جي صورتحال کي انتهائي خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي. آءِ ايف جي، جي جنرل سيڪريٽري چيو ته اسان پهريان ائين ناهي ڏٺو ته ايتري گهٽ وقت ۽ ننڍن علائقن ۾ ايتريون فوتگيون ٿيون هجن . يمن، يوڪرين، سوڊان، پيرو، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ به صحافين کي قتل ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا آهن . آءِ ايف جي، جي جنرل سيڪريٽري صحافين جي قتل جي واقعن جي مذمت ڪندي انهن ماڻهن لاءِ هڪ قسم جي ڇوٽ قرار ڏنو جيڪي سندن قتل ۾ ملوث آهن .انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ قاتلن کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي. آءِ ايف جي طرفان اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ هن وقت 533 صحافي قيد آهن ۽ اهو انگ گذريل 5 سالن دوران ٻيڻ کان به وڌي ويو آهي . آءِ ايف جي طرفان مارجي ويل صحافين جي ڳڻپ رپورٽرز وڌآئوٽ بارڊرز کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي ڇو ته سندن ڳڻپ جي طريقڪار ۾ فرق آهي. گذريل سال زندگيون وڃائيندڙ صحافين ۾ 9 اهڙا ماڻهو به شامل آهن جن جو موت مختلف حادثن سبب ٿيو. رپورٽرز وڌآئوٽ بارڊرز جو چوڻ آهي ته گذريل سال پنهنجو فرض انجام ڏيڻ دوران 67 صحافي مارجي ويا جڏهن ته يونيسڪو طرفان اهو انگ 93 ٻڌايو ويو آهي.











