ماسڪو - 01 جنوري(اي پي پي)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سال 2026ع ۾ يوڪرين ۾ بفر زون جي واڌ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ويلري گيراسيموف جي حوالي سان ٻڌايو ته روس جي فوج اتر اوڀر يوڪرين ۾ اڳڀرائي ڪري رهي آهي. هن نئين سال جي شروعات سان ئي بفر زون کي وسيع ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. هن چيو ته صدر ولاديمير پيوٽن …
روس جي صدر طرفان سال 2026ع ۾ يوڪرين ۾ بفر زون جي واڌ جو حڪم، 2025ع ۾ يوڪرين جا 5 لک 10 هزار فوجي زخمي يا مارجڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
ماسڪو – 01 جنوري(اي پي پي)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سال 2026ع ۾ يوڪرين ۾ بفر زون جي واڌ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ويلري گيراسيموف جي حوالي سان ٻڌايو ته روس جي فوج اتر اوڀر يوڪرين ۾ اڳڀرائي ڪري رهي آهي. هن نئين سال جي شروعات سان ئي بفر زون کي وسيع ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. هن چيو ته صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين جي علائقن سومي ۽ خارڪيف ۾ (جيڪي روس جي سرحد ويجهو آهن) ان جاءِ کي وسيع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن کي ماسڪو بفر زون قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته ٻئي طرف پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي دفاع واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته سال 2025ع ۾ يوڪرين جي فوج کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو آهي، جنهن ۾ 5 لک 10 هزار کان وڌيڪ يوڪرين جا فوجي مارجي يا زخمي ٿيا. روس جي دفاع واري وزارت ۽ روس جي هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سال 2025ع دوران روس جي فوج يوڪرين جي فوجي سامان کي به شديد نقصان پهچايو جنهن ۾ سندن 19 جنگي جهاز، 50 کان وڌيڪ ميزائل سسٽمز، 67000 کان وڌيڪ ڊرونز ۽ 6500 کان وڌيڪ ٽينڪون ۽ بڪتر بند گاڏيون تباهه ٿيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهي انگ اکر روس جي دفاعي ذريعن تي ٻڌل آهن ۽ يوڪرين طرفان ان جي تصديق ناهي ٿي.











