گڏيل قومون - 01 جنوري(اي پي پي) گڏيل قومن جي مختلف انساني امدادي ادارن ۽ عالمي تنظيمن گڏيل بيان جاري ڪندي اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه پٽي ۽ اولهندي ڪناري ۾ عالمي امدادي تنطيمن جي سرگرمين تي لاڳو پابندي فوري طور واپس وٺي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي امدادي تنظيمون غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ انساني امدادي ڪارروائين ۾ ڪردار ادا ڪري …
گڏيل قومن جي انساني امدادي ادارن پاران اسرائيل کان امدادي تنظيمن تي پابندي واپس وٺڻ جو مطالبو

مزید خبریں
گڏيل قومون – 01 جنوري(اي پي پي) گڏيل قومن جي مختلف انساني امدادي ادارن ۽ عالمي تنظيمن گڏيل بيان جاري ڪندي اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه پٽي ۽ اولهندي ڪناري ۾ عالمي امدادي تنطيمن جي سرگرمين تي لاڳو پابندي فوري طور واپس وٺي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي امدادي تنظيمون غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ انساني امدادي ڪارروائين ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ ساليانو اٽڪل هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي امداد فراهم ڪن ٿيون. ادارن خبردار ڪيو ته غزه ۾ سياري جي موسم سبب ڏکيائين ۾ اضافي، شديد غذائي عدم تحفظ ۽ جان بچائڻ واري امداد جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي امدادي تنظيمن تي پابندي جنگ بندي دوران حاصل ٿيل نازڪ اڳڀرائي کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ ٻارن، عورتن ۽ ٻين ڪمزور طبقن لاءِ تباهي پکيڙيندڙ نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.











