عدالتي فيصلي بعد آمريڪي صدر طرفان شڪاگو، لاس اينجلس ۽ پورٽ لينڊ مان نيشنل گارڊ واپس گهرائڻ جو اعلان

واشنگٽن - 01 جنوري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته سندس انتظاميا شڪاگو، لاس اينجلس ۽ پورٽ لينڊ مان نيشنل گارڊ کي واپس گهرائي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان آمريڪي سپريم ڪورٽ طرفان انتظاميا خلاف فيصلي جي ڪجهه ڏينهن بعد سامهون آيو آهي. آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي جاري بيان ۾ چيو ته انهن شهرن ۾ نيشنل گارڊز جي موجودگي سبب ڏوهن …

واشنگٽن – 01 جنوري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته سندس انتظاميا شڪاگو، لاس اينجلس ۽ پورٽ لينڊ مان نيشنل گارڊ کي واپس گهرائي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان آمريڪي سپريم ڪورٽ طرفان انتظاميا خلاف فيصلي جي ڪجهه ڏينهن بعد سامهون آيو آهي. آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي جاري بيان ۾ چيو ته انهن شهرن ۾ نيشنل گارڊز جي موجودگي سبب ڏوهن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، پر ان باوجود انهن کي واپس گهرايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت مداخلت نه ڪري ها ته شڪاگو، لاس اينجلس ۽ پورٽ لينڊ شديد بحران جو شڪار ٿي چڪا هجن ها. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ڏوهن جي شرح ٻيهر وڌي ته وفاقي حڪومت اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ مختلف انداز ۾ واپس ايندي. هن انهن شهرن جي ڊيموڪريٽ ميئرز ۽ گورنرز کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي کين نااهل قرار ڏنو. اهو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي سپريم ڪورٽ شڪاگو ۾ اميگريشن اينڊ ڪسٽمز انفورسمينٽ (آءِ سي اي) جي اهلڪارن جي تحفظ لاءِ نيشنل گارڊز مقرر ڪرڻ جي صدر ٽرمپ جي منصوبي کي روڪي ڇڏيو هو.

مزید خبریں