ابوظهبي-01 جنوري(اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ جنوري 2026ع لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب فيول پرائيس ڪميٽي گذريل ڏينهن نون اگهن جي منظوري ڏني جنهن تي عمل پهرين جنوري کان ڪيو ويو آهي. نون قيمتن موجب پيٽرول سپر 98 جي نئين قيمت 2.53 درهم في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا ڊسمبر ۾ 2.70 درهم في لٽر هئي. اسپيشل …
گڏيل عرب امارات ۾ جنوري لاءِ پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان

مزید خبریں
ابوظهبي-01 جنوري(اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ جنوري 2026ع لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب فيول پرائيس ڪميٽي گذريل ڏينهن نون اگهن جي منظوري ڏني جنهن تي عمل پهرين جنوري کان ڪيو ويو آهي. نون قيمتن موجب پيٽرول سپر 98 جي نئين قيمت 2.53 درهم في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا ڊسمبر ۾ 2.70 درهم في لٽر هئي. اسپيشل 95 اگهه ۾ لاٿ کانپوءِ هاڻي 2.42 درهم في لٽر ۾ وڪرو ٿيندو جيڪو گذريل مهيني 2.58 درهم في لٽر ۾ دستياب هيو. اي پلس 91 جي قيمت 2.34 درهم في لٽر هوندي. ڊسمبر ۾ ان جي قيمت 2.51 درهم في لٽر هئي دستياب هيو اي پلس 91 جي قيمت 2.34 درهم في لٽر هوندي. ڊسمبر ۾ ان جي قيمت 2.51 درهم هئي. ڊيزل جي نئين قيمت 2.55 درهم في لٽر هوندي جيڪا گذريل مهيني 2.85 درهم في لٽر ۾ دستياب هئي. ياد رهي ته گڏيل عرب امارات جي فيول پرائيس ڪميٽي هر مهيني پيٽرول جو تعين عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن موجب ڪري ٿي.











