چين پاران برطانيه جي تائيوان جي حوالي سان ڏنل بيان جي مذمت

لنڊن -31 ڊسمبر (اي پي پي) چين برطانيه جي تائيوان جي حوالي سان ڏنل بيان جي مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي سفارتخاني چيو آهي، ته چين برطانيه پاران تائيوان جي حوالي سان ڏنل بيانن جي مذمت ڪري ٿو. چين جي عوامي فوج پي ايل اي جي تائيوان جي پسگردائي ۾ فوجي مشقن کان پوءِ برطانيه جي پرڏيهي وزارت، ڪامن ويلٿ ۽ ترقياتي آفيس جي ترجمان تحمل …

لنڊن -31 ڊسمبر (اي پي پي) چين برطانيه جي تائيوان جي حوالي سان ڏنل بيان جي مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي سفارتخاني چيو آهي، ته چين برطانيه پاران تائيوان جي حوالي سان ڏنل بيانن جي مذمت ڪري ٿو. چين جي عوامي فوج پي ايل اي جي تائيوان جي پسگردائي ۾ فوجي مشقن کان پوءِ برطانيه جي پرڏيهي وزارت، ڪامن ويلٿ ۽ ترقياتي آفيس جي ترجمان تحمل جي اپيل ڪندي وڌيڪ اهڙين ڪارروائين کان بچڻ جو مطالبو ڪيو جيڪي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. ان بيان کي چين جي سفارتخاني غلط ۽ حقيقت ۽ سچائي جي غلط ترجماني پيش ڪرڻ قرار ڏنو آهي. چين جي سفارتخاني جي ترجمان چيو آهي، ته تائيوان چين  جو صوبو آهي ۽ تائيون جو مسئلو چين جو گهرو معاملو آهي. هن چيو ته پي ايل اي جون مشقون تائيوان جي علحدگي پسند طاقتن خلاف هڪ سزا ۽ انهن کي پري رکڻ جي ڪارروائي آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪو به ملڪ چين جي حوالي سان غير ذميواري جو تبصرو ڪرڻ جو حق نٿو رکي.

مزید خبریں