گڏيل قومون-31 ڊسمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري ( يو اين ايڇ سي آر ) جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه فيليپو گرينڊي خبردار ڪيو آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ سياسي ويڇا ۽ انتشار عالمي تڪرارن ۽ بحرانن کي هوا ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ان جي نتيجي ۾ محفوظ پناهه جي ڳولا ۾ نڪرندڙ ماڻهن خلاف دشمني ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. پنهنجي عهدي جي …
عالمي ويڇا دنيا جي بحرانن کي وڌائي رهيا آهن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-31 ڊسمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري ( يو اين ايڇ سي آر ) جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه فيليپو گرينڊي خبردار ڪيو آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ سياسي ويڇا ۽ انتشار عالمي تڪرارن ۽ بحرانن کي هوا ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ان جي نتيجي ۾ محفوظ پناهه جي ڳولا ۾ نڪرندڙ ماڻهن خلاف دشمني ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. پنهنجي عهدي جي پڄاڻي تي عالمي ميڊيا کي ڏنل آخري انٽرويو ۾ هن چيو ته سندس ڏهن سالن جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي اڳڀرائي اها رهي ته عالمي سطح تي وڌندڙ ويڇن دنيا کي تڪرار حل ڪرڻ کان پري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ هاڻي انهن بحران جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ به راضي نٿا نظر اچن . اٽلي جي سفارتڪار جو چوڻ هيو ته جاگرافيائي سياست ۾ ويڇن جي اچڻ جي نتيجي ۾ بي شمار بحران جنم وٺي چڪا آهن . شايد سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪن عنصر آهي. هن ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ” اڄ جي دنيا امن قائم ڪرڻ جي قابل ناهي رهي ، پر مڪمل طور تي امن قائم ڪرڻ کان پري ٿي چڪي آهي. فيليپو گرينڊي پناهگيرن ۽ پرڏيهه ۾ ترسيلن جي حوالي سان ملڪن جي روين تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته مختلف رياستن ۾ قانون ۽ طريقيڪار سخت ڪيا پيا وڃن ته جيئن پناه وٺندڙ ماڻهن ۽ پناهگيرن کي روڪي سگهجي . سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته سڄي دنيا ۾ مشهور سياست دانن پاران لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ ۽ قرباني جو ٻڪرو ڻائڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي جنهن سبب پناهگيرن خلاف نفرت انگيز بيانئي کي هٿي ملي رهي آهي.











